سڪرنڊ ٿاڻي جي لاڪپ ۾ ڦر جو جوابدار فوت، ايس ايچ او ۽ وڏو منشي گرفتار

0
25
سڪرنڊ ٿاڻي جي لاڪپ ۾ ڦر جو جوابدار فوت، ايس ايچ او ۽ وڏو منشي گرفتار
سڪرنڊ ٿاڻي جي لاڪپ ۾ ڦر جو جوابدار فوت، ايس ايچ او ۽ وڏو منشي گرفتار

سڪرنڊ(رپورٽ: نياز چانڊيو) سڪرنڊ ۾ هفتو اڳ گيهه سان ڀريل مزدا ڦر ۾ گرفتار جوابدار ٿاڻي جي لاڪپ ۾ پراسرار نموني فوت، وارثن جو پوليس تي تشدد ڪري مارڻ جو الزام، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار دل جي دوري سبب فوت ٿيو، ايس ايس پي نوٽيس ورتو، ايس ايچ او معطل، خبر موجب سڪرنڊ ۾ هڪ هفتو اڳ گيهه سان ڀريل مزدا ڦر واقعي ۾ شهرين پاران پڪڙي سڪرنڊ پوليس حوالي ڪيل محمد نواز زرداري ٿاڻي جي لاڪپ ۾ پراسرار نموني فوت ٿي ويو، فوتي جو لاش سڪرنڊ پوليس ضروري ڪارروائي لاءِ تعلقه اسپتال سڪرنڊ آندو، جتي پوسٽ مارٽم لاءِ سهولتون نه هئڻ ۽ ايڪسري مشينون خراب هئڻ ڪري مڙهه نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو، اسپتال ۾ موجود فوتي جي ڀاءَ امير نواز زرداري ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جي ڀاءَ کي پوليس تشدد ڪري ماريو آهي، ٽنگو ٻانهون پڻ ڀڳل اٿس، سندس جسم تي سخت تشدد جا نشان موجود آهن، هن چيو ته اسان جو خاندان زميندار آهي، اسان جو خاندان عزت وارو خاندان آهي، اسان جي ڀاءُ کي ڪنهن چال ڪري فاسايو هو، هن مطالبو ڪيو ته معاملي جي اڻ ڌريي جاچ ڪرائي وڃي، ٻئي پاسي ايس ايچ او سڪرنڊ مٺل ککراڻي رابطي تي ٻڌايو ته محمد نواز زرداري لاڪپ ۾ ماني کائڻ بعد دل جي دوري پوڻ ڪري بيهوش ٿي ويو هو، جنهن کي اسپتال نيو ويو پر هو فوت ٿي ويو، ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد تنوير حسين تنيو پاران لاڪپ ۾ فوت ٿيل محمد نواز زرداري جي واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايچ او سڪرنڊ کي سسپينڊ ڪري سندس جاءِ تي اصغر اعواڻ کي نئون ايس ايچ او مقرر ڪيو ويو آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. ٻئي طرف ايس ايچ او سڪرنڊ محمد مٺل ککراڻي، وڏي منشي محمد عارف کي نواب شاهه پوليس گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو. وارثن جي احتجاج ڪرڻ تي جيلن واري صوبائي وزير ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري نوٽيس ورتو ۽ چيو ته زرداري برادري ۽ ھر ان غريب سان گڏ آھيون جن سان ظلم ٿيندو اسان ڪوشش ڪنداسين ان سان انصاف ٿئي.