سڪرنڊ(ن پ ا) سڪرنڊ ڀرسان پسند شادي بعد واپس ڪرائي پرڻايل ناري زهر پي آپگهات ڪري ڇڏيو، خبر موجب ڳوٺ حاجي بچل ڏهيو ۾ 19 سالا صائمه زال امام علي ڏهيو زهريلي دوا پي ڇڏي، ناري کي نازڪ حالت ۾ نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي جسم ۾ زهر ڦهلجڻ سبب هن دم ڏئي ڇڏيو، ناري جو لاش تعلقه اسپتال سڪرنڊ آندو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته صائمه ٽي مهينا اڳ پنهنجي ويجهي عزيز فرمان علي ڏهيو سان پسند جي شادي ڪئي هئي، علائقي جي معززن ۽ برادري جي چڱن مڙسن پاران ناري کي واپس ڪرايو ويو هو، جنهن بعد سندس مائٽن پاران هن جي شادي سئوٽ امام علي ڏهيو سان شادي ڪرائي وئي هئي، کيس اڄ نوابشاهه ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻو هو پر هن مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو، سڪرنڊ پوليس جي ايس ايچ او ٻڌايو ته واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ڪجهه ٻڌائي سگھبو.