سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ڀرسان ناصري ٿاڻي جي حد ڳوٺ نظر محمد شاهه ۾ ڳوٺاڻن سائين ڏنو، حادي بخش انڙ، صمد لاکو، واحد بخش، غلام قادر عمراڻي، سليمان عمراڻي، مسمات زرينا، عمراھ ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته ناصري پوليس، نوابشاهه، لاکاٽ پوليس ۽ قاضي احمد پوليس رات جي اونداھي ۾ اسان جي گھرن ۾ گھڙي سخت تشدد ڪري اسان جا 4 مرد ۽ 3 عورتون کڻي ويا آهن، جنهن ۾ عبدالرحمان، فقير محمد، محمد يعقوب ۽عبدالرزاق، مسمات حرمت، مسمات گڪ ناز ۽ مسمات بيبل شامل آهن، هنن چيو ته 20 ڏينهن ٿي ويا آهن پر پوليس کنڀيل ماڻهن کي ظاهر نه ٿي ڪري، غريب آهيون، ٻي طرف معصوم صمد روئيندي چيو منهنجي والد کي پوليس سخت تشدد ڪري کڻي وئي آهي، بابا کي آزاد ڪرايو وڃي، جئين پنهنجي بابا سان گڏجي اسڪول وڃان ٻي پاسي ناصري ٿاڻي جي وڏي منشي وزير مري موجب ته اسان کي ڪا به خبر ناهي، اسان وٽ نه ڪا پوليس انٽري ڪئي آهي، هوڏانهن ايس ايس او علي نواز مري موجب ته آئون ھاڻي ٿاڻي تي آيو آھيان، جاچ ڪريان ٿو، باقي مونکي ڪا به خبر ناهي.