سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ويجهو 2 ٻارن جي ماءُ ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، خبر موجب ڳوٺ علي بخش چوهاڻ ۾ 32 سالا بيواهه ٻن ٻارن جي ماءَ ڪوڙي زال مرحوم محمد طالب چوهاڻ گهر اندر ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي، وارثن عورت جو لاش تعلقه اسپتال سڪرنڊ آندو، اطلاع تي سڪرنڊ پوليس پهچي لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو، اسپتال ۾ موجود عورت جي ڀاءَ قادر بخش چوهاڻ ٻڌايو ته سندس ڀيڻ  جو ذهني توازن درست نه هو، جنهن سبب هن آپگهات ڪيو آهي.