قاضي احمد /سڪرنڊ(نمائندن وٽان) سڪرنڊ ڀرسان ناصري ٿاڻي جي حد ڳوٺ مير محمد منگواڻو  ۾ ڪارنهن الزام هيٺ مامن پاران پنهنجي سڳي ڀاڻيجي 20 ساله خاتون عرف انجيرا کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو ۽ سندس ڀيڻ عزيزان کي لٺيون هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو آهي، قتل ٿيل خاتون عرف انجيرا جي والد عبدالله منگواڻو ٻڌايو ته منهنجي سالن محرم ۽ لکانو گهر ۾ داخل ٿي منهنجي نياڻي کي بي دردي سان قتل ڪيو، ناصري پوليس قتل ٿيل ناري جو لاش همدرد ايمبولينس ذريعي کڻائي تعلقه اسپتال سڪرنڊ آندو، جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش سندس والد جي حوالي ڪيو ويو آهي، ناصري پوليس مطابق جوابدار فرار ٿي ويا آهن، وارثن جي اچڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويندو.