سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ويجهو ڪچي جي ٿاڻي ماڙي جلباڻي جي حد ۾ محرابپور ڳوٺ ڀرسان سنڌو درياهه مان لاش هٿ آيو، ڳوٺاڻن لاش لڙهندو ڏسي ماڙي جلباڻي پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن بعد پوليس پهچي لاش درياهه مان ڪڍرائي تعلقه اسپتال سڪرنڊ آندو، جتي لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، ماڙي جلباڻي پوليس ٻڌايو ته نامعلوم ماڻهو جو لاش مليو آهي، جنهن جي عمر 40 سالن جي لڳ ڀڳ آهي، ڊاڪٽر مطابق لاش 4 کان 5 ڏينهن پراڻو آهي.