سڪرنڊ (رپورٽ: نياز چانڊيو) سڪرنڊ ويجهو سرڪاري زمين جي مالڪي تان جهيڙو، فائرنگ ۾ نوجوان قتل، 6 ڄڻا زخمي، ڌرين ۾ سخت ڇڪتاڻ، خبر موجب ناصري ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڇتن شاهه ۾ ڪچي جي سرڪاري زمين جي مالڪي تان سيد ۽ منگواڻا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ڄڻو 27 سالا شمن منگواڻو مارجي ويو، جڏهن ته 6 ڄڻا عبدالله منگواڻو، نصيب منگواڻو، ڪرم شاهه، حاجي خان، سرور شاهه، خالد حسين مري زخمي ٿي پيا، زخمين کي تعلقه اسپتال سڪرنڊ آندو ويو، جتان ٻن زخمين حاجي خان ۽ سرور شاهه جي حالت نازڪ هئڻ ڪري کين نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو، مقتول جو لاش تعلقه اسپتال سڪرنڊ مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش ڳوٺ مير محمد منگواڻو ۾ گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، ناصري پوليس موجب ڌرين ۾ زمين جي معاملي تان جهيڙو ٿيو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.