سڪرنڊ (رپورٽ: نياز چانڊيو) سڪرنڊ ويجهو رستي جي لنگھه تان مگسي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، فائرنگ ۾ 2 ڄڻا قتل، 9 زخمي، واقعي بعد ڌرين ۾ سخت ڇڪتاڻ، ڪيس داخل نه ٿيو، تفصيل موجب کڏھر ٿاڻي جي حد ڳوٺ قادر بخش مگسي ۾ مگسي برادري جي ٻن ڌرين ۾ رستي جي لنگھه تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جي ماڻهن هڪٻئي خلاف هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، فائرنگ جي نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو عبدالغفور مگسي ٿڏي تي قتل ٿي ويو، جڏهن ته ديدار مگسي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي نيئندي رست ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، ٻنهي ڌرين جا 9 ڄڻا شديد زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ صدام حسين، عبدالوهاب، عبدالرحمان، محمد يوسف، غلام نبي ۽ ٻيا شامل آهن، جن کي  نوابشاهه ۽ سڪرنڊ اسپتال نيو ويو، مقتولن جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، کڏهر پوليس موجب ڌرين ۾ پراڻو زميني تڪرار هلندڙ آهي، ڪالهه رستي جي لنگهه کي جواز بڻائي جهيڙو ڪيو ويو، جنهن ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ٻڌايو پيو وڃي ته گذريل ڏينهن ڪڻڪ جو ديرو نڪتو هو، جنهن تي هڪ ڌر جا ماڻهو اها ڪڻڪ ٽريڪٽر ٽرالي تي کڻائي وڃي رهيا هئا ته ٻئي ڌر اعتراض واريو ۽ رستي تان لنگڻ تان منع ڪئي، جنهن بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ کانپوءِ فائرنگ شرع ٿي وئي، واقعي بعد ٻئي ڌريون مورچا بند ٿي ويون آهن، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.