سڪرنڊ (رپورٽ: نياز چانڊيو) سڪرنڊ ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾  قتل ٿيل 4 ڄڻن  ۽ زخمي ٿيل  جي وارثن ۽ ڪيس جي فريادي راھب جلباڻي، مٺل جلباڻي، گل جلباڻي نيشنل پريس ڪلب  پھچي پريس ڪانفرنس ۾  خدشو ظاهر ڪندي چيو آهي تہ بيگناھ ۽ بيدردي سان قتل ڪيل ڳوٺاڻن ۽ زخمين لاءِ  پرامن طور جدوجھد ڪرڻ جي ڏوھ ۾ پوليس پاران رڪاوٽون وجھي هيسائڻ لاءِ   250  ڳوٺاڻن تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جڏهن تہ گذريل رات دير سان سڪرنڊ ڊي ايس پي ۽ ايس ايچ او  سڪرنڊ جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ ماڙي جلباڻي پھچي ٿاڻي جو سمورو رڪارڊ  پاڻ سان گڏ کڻي پوليس اسٽيشن ماڙي جلباڻي کي بند ڪري ڇڏيو آھي،  ٿاڻي کي  پوليس وارا باھ ڏئي سگهن ٿا،   اھو به ڊرامو ڪري اسان جي مٿا ڪيس داخل ڪرڻ جو خدشو آهي،  هنن چيو ته   اسان سڀ ڳوٺاڻا پرامن ماڻھو آھيون سياسي سماجي آھيون ۽ اسان پنهنجي  شھيد ٿيل جي سوڳ ۾ آهيون، اڃا  اسان جا 2 ڄڻا سيريس آهن،   اسان کي اڃا  انصاف ملڻ جي اميد هئي   پر پوليس پاران ڊرامائي  انداز سان اسان کي پريشر ڏنو پيو وڃي،  اسان پنھنجي شھيد ۽ زخمين جو انصاف پرامن جدوجهد ذريعي اعليٰ عدالتن کان وينداسين  اسان ھاء ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪنداسين، اسان کي ڪورٽ مان انصاف جي اميد آهي، ھنن چيو تہ نگران وزير اعليٰ سنڌ پاران جوڙيل ڪاميٽي تي بي اعتمادي ظاهر ڪريو ٿا، جڏھن تہ ايس ايچ مسعود احمد مڱڻھار  جي بدلي ٿيل آهي   ان اسان جي ڳوٺ تي ڪارروائي  ڪري اسان جي نوجوان شھيد ڪيا آهن  ۽  ان وري اسان تي به  ڪيس داخل ڪيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته  جوڊيشنل ڪميشن جوڙي عدالتي تحقيقات ڪرائي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.