سڪرنڊ (رپورٽ: نياز چانڊيو) سڪرنڊ واسي هفتو اڳ پراسرار نموني گم ٿيل همراهه بيدردي سان قتل، تشدد ٿيل ۽ هٿ پير ڪٽيل ٻوري بند لاش ڪيلن جي باغ مان هٿ، 2 شڪي گرفتار، پوليس نالا ظاهر نه ڪيا، خبر موجب هڪ هفتو اڳ گم ٿيل سڪرنڊ جي ڳوٺ علي بخش چوهاڻ واسي 40 سالا نيڪ محمد چوهاڻ کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو، همراهه جو ڳوٺ پنهل خان چانڊيو ڀرسان ڪيلن جي باغ مان تشدد ٿيل ۽ هٿ پير ڪٽيل ٻوري بند لاش هٿ ڪيو ويو، پوليس ڳوٺاڻن جي اطلاع تي پهچي لاش تعلقه اسپتال سڪرنڊ آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ڊيوٽي ڊاڪٽر موجب همراهه تي تشدد ٿيل آهي ۽ سندس هٿ پير پڻ ڪٽيل آهن، لاش ڪافي ڏينهن پراڻو آهي، وڌيڪ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ئي ڪجهه ٻڌائي سگهجي ٿو، مقتول جي ڀاءَ علي خان چهواڻ ٻڌايو ته اسان جي ڀاءَ کي مخالفن مسمات ميرزادي ۽ سندس مڙس سانوڻ قتل ڪيو آهي، کين گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي، هن چيو ته اسان سان وڏو ظلم ٿيو آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، پوليس مطابق ٻه ڄڻا اڳ ئي ان ڪيس ۾ گرفتار ٿيل آهن، رهيل جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.