ٺٽو (رپورٽر) سڪرنڊ واسي جوڙو ڌمڪيون ملڻ بعد تحفظ لاءِ ٺٽو پريس ڪلب پهچي ويو، ان موقعي تي بشيران ڌيءُ نواب خان مڙس علي محمد پٽ غلام حيدر سان گڏ تحفظ لاءِ احتجاج ڪندي چيو ته پهرين امام علي ولد کٻڙ سان شادي ٿي ھئي، 5 ٻارڙن جو اولاد آھن، 4 ٻار اڳوڻي مڙس وٽ آھن، ھڪ نياڻي گلناز مون وٽ آھي، ھن چيو ته اڳوڻو مڙس تشدد ڪندو ھو، طلاق بعد علي محمد سان شادي ڪئي آهي جنھن بعد مائٽ جان جا دشمن بڻجي ويا آهن، جان کي خطرو آھي، دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھيون، ھنن چيو ته تحفظ لاءِ ڊسٽرڪٽ سيشن جج سانگھڙ کي درخواست ڏني آھي، ھنن تحفظ جي اپيل ڪئي ته ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.