سڪرنڊ(ن پ ا) سڪرنڊ ويجهو ريڻ شاخ لڳ قومي شاهراهه تي نامعلوم گاڏي جي ٽڪر ۾ فوت ٿيل همراهه جو لاش هٿ ڪيو ويو، نامعلوم گاڏي جي ٽڪر ۾ فوت ٿيل شخص جو لاش صبح 10 کان شام 5 بجي تائين روڊ تي پيل رهيو، لاش مٿان مختلف گاڏيون چڙهڻ ڪري لاش چچرجي ويو، پوليس ۽ موٽروي پوليس حادثي سبب فوت ٿيل جو لاش 8 ڪلاڪن تائين روڊ تان نه کنيو، جنهن بعد رستي ويندڙن جي اطلاع تي همدرد ايمبولينس وسيلي لاش تعلقه اسپتال سڪرنڊ منتقل ڪيو ويو، لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي.