سڪرنڊ/قاضي احمد (نمائندن وٽان) قاضي احمد ويجھو ناصري پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڇتن شاھ ۾ زمين جي مالڪي تان منگواڻا ۽ سيد برادري وچ ۾ گذريل ڏينهن ٿيل جهيڙي دوران زخمي ٿيل 65 سالا سيد حاجي خان شاھ نواب شاھ جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو، مقتول جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، واضع رهي ته 80 ايڪڙ زمين جي مالڪي تان ڌرين ۾ هلندڙ جهيڙي سبب فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو آھي، ياد رهي ته گذريل ڏينهن زمين جي مالڪي تان ٿيل جهيڙي ۾ هڪ ڄڻو 27 سالا شمن منگواڻو قتل ٿي ويو هو ۽ 6 ڄڻا عبدالله منگواڻو، نصيب منگواڻو، سيد ڪرم علي شاهه، سيد حاجي خان شاهه، غلام سرور شاهه ۽ خالد حسين مري زخمي ٿي پيا هئا، فوتي سيد حاجي خان شاهه جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي، جڏهن ته حد جي پوليس ڇڪتاڻ کي روڪڻ لاءِ ڪي به جوڳا اپاءُ نه وٺي سگهي آهي.