سڪرنڊ جي ڳوٺ ماڙي جلباڻي جي سانحي سنڌ جي سانحن جي تاريخ ۾ هڪ وڌيڪ باب جو اضافو ڪيو آهي، جو رياست جي اهم قانون نافذ ڪندڙ ادارن، جن ۾ پوليس ۽ رينجرس جي فورس شامل ٿي ماڙي جلباڻي جو گھيراءُ ڪيو ۽ ٻڌايو هي ويو ته انهن کي اها خبر ملي هئي ته ماڙي جلباڻي ۾ دهشتگرد خودڪش ڳرن هٿيارن سان لڪل آهي. اتي مقابلي ۾ چار ڳوٺاڻا قتل ٿي ويا، ڪجھ زخمي به ٿيا. پهرين ڏينهن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان ميڊيا کي اهو ٻڌايو ويو ته ان آپريشن ۾ فورس جو (رينجرس جو) هڪ سپاهي زخمي ٿيو آهي. جوابدارن مان ڪجھ مفرور ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. جڏهن ڳوٺاڻن احتجاج ڪيو ۽ مقتولن جا لاش رکي روڊ بلاڪ ڪندي ڌرڻو هنيو ۽ گھڻي هاءِ گھوڙا ڪئي ته پوءِ سنڌ جي وزير داخلا ان سانحي کي انڪوائري ڪرڻ جي لاءِ ڊويزنل ڪمشنر ۽ پوليس جي آفيسرن تي مشتمل ڪميٽي جوڙي. اڃان سلسلو اڳتي ئي مس وڌيو ۽ سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي اڳواڻ سيد زين شاھ جي اڳواڻي ۾ هلندڙ احتجاج کي ختم ڪندي هڪ ايف آءِ آر يعني ڳوٺاڻن جي پاران داخل ڪرائي وئي، جنهن ۾ هي ٻڌايو ٿو وڃي ته فورس جي ڪنهن به اهلڪار جو نالو ناهي ڄاڻايل ٻڌايو ويو. ميڊيا جي پاران صرف هي ٻڌايو ويو آهي ته جاچ ڪندڙ ٽيم پوليس اهلڪارن جا ڪجھ نالا شامل ڪيا آهن ۽ گڏوگڏ هي به رپورٽ ٿيو آهي ته پوليس بهادر پنهنجي پاران سي آءِ اي انچارج مقصود مڱڻهار جي فرياد تي الڳ ايف آءِ آر داخل ڪئي آهي، جنهن ۾ هي ڄاڻايو ويو آهي ته ڳوٺ ماڙي جلباڻي جي گھيراءَ وقت ڳوٺاڻن پوليس ۽ رينجرس جي مزاحمت ڪئي. رينجرس انهن کي هٽائڻ جي لاءِ لٺبازي ڪئي ۽ پوءِ گھرن جي ڇتين تي ويٺل هٿياربندن فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ چار ڳوٺاڻا انهن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيا ۽ رينجرس جو هڪ سپاهي زخمي ٿيو، باقي ڏوهاري فرار ٿي ويا، جنهن ۾ لياقت جلباڻي، رجب، غلام رسول، منير ۽ ٻيا شامل آهن. پوليس ان ايف آءِ آر ۾ 200 کان وڌيڪ ماڻهن جو تعداد ڄاڻايو آهي، يعني انهن کي پوليس مٿان حملي ڪيس ۾ شامل ڪيو ويو آهي پر هن وقت تائين پوليس پاران وضاحتن ۾ اهو ناهي ٻڌايو ويو ته پوليس ۽ رينجرس کي ڪهڙي دهشتگرد جي لڪڻ جو اطلاع مليو هو ۽ ان واقعي کان پوءِ کين ڪنهن کان هٿيار هٿ آيا. ڪيس جي رام ڪهاڻي اڃان اڳتي هلي ڪري وڌيڪ ٻڌڻ ۾ ايندي.
هن سانحي جي متعلق پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا تي جيڪي خبرون اچن پيون، اهي ته اچن ئي پيون پر پهرين ڏينهن کان ماڙي جلباڻي جي ڳوٺاڻن سنڌ حڪومت کان هي مطالبو ڪيو ته هن سانحي جي جاچ هاءِ ڪورٽ جي اهڙي جج جي سربراهي ۾ ڪرائي وڃي، جنهن جي نالي تي متاثر ڌر به متفق ٿئي. هي واقعو سنڌ جي اذيتناڪ ۽ دردناڪ واقعن جي تسلسل جو هڪ وڌيڪ اذيتناڪ واقعو آهي، جنهن ۾ رياست جي محافظ ادارن جي مٿان هي الزام اچي ٿو ته انهن غير سائنسي ۽ بغير ڪنهن ڌيرج جي هڪ انڌا ڌنڌ چڙهائي ڪري آپريشن ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ چئن ماڻهن جو قتل ٿيو.
هن ملڪ ۾ اهڙا واقعا هونئن ته ڪيئي ٻڌڻ ۾ اچن ٿا پر خاص ڪري سنڌ جي اندر پوليس جون ڪاروايون اهڙي انداز ۾ ڏسڻ ۾ اينديون آهن ۽ رپورٽ ٿينديون آهن، ڄڻ هي پوليس فورس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ٻيا جيڪي آپريشن ۾ شامل هوندا آهن، اهي رياست جا آئيني ۽ قانوني محافظ هجڻ جي بجاءِ هڪڙا مسلح جٿا هجن ۽ پنهنجي مرضي ۽ من ماني ڪندي جتي وڻين ۽ جئين وڻين، آپريشنز ڪن. ان آپريشن جي نتيجي ۾ جيڪو نقصان به ٿئي يا ٿيو آهي، انهيءَ کي ڪنهن نه ڪنهن ڪهاڻي ۾ ۽ الزامن ۾ لڪائي پنهنجو قانوني پورائو ڪندي بي رحم ۽ بي فڪري جو مظاهرو ڪندا رهيا آهن ۽ ڪري رهيا آهن. ٿيڻ ته ائين گھربو هو ته رياست جا ادارا اهڙن واقعن تي سخت ردِ عمل ڏيکاريندي تحرڪ ۾ اچن ها. سنڌ جي نگران حڪومت وزير اعليٰ ۽ وزير داخلا متاثر ڌر جو مطالبو مڃيندي جوڊيشل انڪوائري جي لاءِ نه رڳو آمادگي ڏيکارين ها پر انهن جي اندر شفافيت آڻڻ جو به اعلان ڪن ها ۽ سنڌ جي عوام کي اعتماد ۾ وٺندي هي به ڏيکارين ها ته ڪنهن جو ڪيترو گناھ آهي ۽ انهيءَ کي ڪنهن به صورت ۾ نه بخشيو ويندو. اهو رياست جي قانوني تقاضا مطابق نه رڳو لازم آهي پر رياست جا ادارا پنهنجو پاڻ کي قانون جو پابند بڻائيندي قانون پرستي جو مظاهرو به ڪن ها. سنڌ جي نگران حڪومت پنهنجو اهو فرض سمجھي ها. هو ماضي جي روين کان هٽي هڪ نئين قانون پسندي جو ۽ شفافيت جو مثال قائم ڪندي عوام مان بي چيني ۽ مايوسي ختم ڪري ها. اسان کي هي به ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته سنڌ جو گورنر جيڪو پنهنجي در تي عدلِ جهانگيري وارا گھنٽڙا لڳايو روزانو سستي شهرت حاصل ڪرڻ جي لاءِ سرگردان آهي، انهيءَ کي ڇا اها خبر ناهي ته سڪرنڊ ۾ ڪيترو دردناڪ سانحو ٿي گذريو آهي؟ ڇا سنڌ جو عوام حڪومت جي انهن عهدن تي رهندڙن جي لاءِ پنهنجو پاڻ کان وڇوٽي ۾ رکي؟ سنڌ جيڪا مسلسل عذابن ۽ تڪليفن ۾ گھاري پئي، جنهن ۾ وڌ کان وڌ عوام کي تڪليف خود حڪومتي فيصلا ۽ ادارا ڏئي رهيا آهن. هن جديد دور جي اندر هي سنڌ جو عذاب ۽ اّذيت آهي جو هتي فرياد داخل ڪرائڻ لاءِ يعني ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جي لاءِ فريادين کي روڊن تي بيهي احتجاج ڪرڻو ٿو پئي ۽ پاڻ سان ٿيندڙ وارداتن تي احتجاج ڪندي ماڻهو منهن مٿو پٽيندي نظر ٿا اچن. هي سنڌ ئي آهي جتي لاش رکي روڊن، چونڪن ۽ چوراهن تي احتجاج ڪيا ٿا وڃن ۽ ڌرڻا هنيا ٿا وڃن.
سنڌ جي تاريخ ۾ ڪيترا عذاب ۽ تڪليفون ٿي گذريون آهن ۽ ڪيترا الميا سنڌ ڀوڳيا آهن، انهيءَ جي لاءِ هڪ الڳ تاريخ لکڻي پوندي. هي سنڌ ئي آهي، جتي ٽنڊي بهاول جهڙا سانحا ٿيا، جتي 5 جولائي 1992 تي نون ڳوٺاڻن هارين کي تڏهن آرمي جي ميجر ارشد جميل گاڏي ۾ کڻي ڄامشوري جي ويجھو دريا جي ڪناري کين قتل ڪري را جو ايجنٽ ظاهر ڪيو. انهيءَ وقت وزير اعظم نواز شريف هو ۽ نواز شريف خود ميڊيا ۾ ان ڪارروائي کي ساراهيو هو. تڏهن مسڪين بي يارو مددگار 70 سال جي پوڙهي مائي جندو پنهنجي چيلھ سان سندرو ٻڌي انصاف جي خاطر عظيم احتجاج جي تاريخ رقم ڪئي. ان جي احتجاج کان پوءِ تڏهوڪي آرميچيف جنرل آصف نواز جنجوعا 24 جولائي نواز شريف سان ملاقات ڪري کيس ٻڌايو ته ميجر ارشد ڪو ڪارنامو ناهي ڪيو پر هڪ رهزني ڪيس ڪيو آهي. بعد ۾ هن کي ڪورٽ مارشل ڪيو ويو. 29 آڪٽوبر تي ميجر کي موت جي سزا ٻڌائي وئي. ساڻس ٻين 13 ڄڻن کي عمر قيد جي سزا آئي. 1993 ۾ رحم جي اپيل آرمي چيف رد ڪئي پر صدر فاروق لغاري رحم جي اپيل جو فائيل ٽيبل تي ئي رکيو رهيو. انصاف جي حق گھرڻ جي لاءِ آخر مائي جندو جي ٻن نياڻين 1995 ۾ پنهنجو پاڻ کي باھ ڏني. هو ٻئي سڙي ويون. تڏهن رحم جي اپيل رد ٿي ۽ 28 آڪٽوبر 1996 تي حيدرآباد جي سينٽرل جيل ۾ ميجر ارشد کي ڦاهي ڏني وئي. تڏهن ان ڦاهي جي منظر کي ڏسندي مائي جندو جي اکين مان ٻه ڳوڙها انصاف جي حاصلات جي تسڪين ۾ وهيا هئا پر اهي ٻه ڳوڙها هن جي پنهنجي جدوجهد کي سرخ سلام پيش ڪرڻ جي لاءِ به ڳڙيا هئا. سنڌ جي ان عظيم جدوجهد ۾ مائي جندو سان گڏ ڪا به سياسي پارٽي نه هئي، نه پ پ ۽ نه ليگ ۽ قوم پرست به وڇوٽي ۾ قناعت ڪندا رهيا. سنڌ پنهنجي تاريخ ۾ اهڙا ڪيئي ڪردار پيدا ڪيا آهن جيڪي نه جهڪيا، نه وڪاميا. پيٽ سان پٿر ٻڌي پنهنجي ضمير ۽ حوصلي جي طاقت سان ثابت قدم رهيا آهن. بيشڪ انهن عظيم انسانن کي تاريخ جو خراج پيش ڪيل آهي پر سوال وري به هي آهي ته آخر ڪيستائين سنڌ جو عوام پنهنجي انصاف جي حاصلات جي لاءِ ٻاڏائيندو ۽ تڙپندو رهندو؟
ٿيڻ ته ائين گھربو آهي ته رياست پنهنجي طاقت سان عوام کي ڀرپور تحفظ به ڏي ۽ انصاف به پر جڏهن رياست جي ادارن جي اندر ڪرپٽ ۽ بدنيت ۽ خوفناڪ حرڪتون ڪندڙ سرگرم ٿي وڃن، تڏهن رياست عوام سان انصاف ڪرڻ ۽ تحفظ ڏيڻ ۾ بري طرح سان ناڪام ويندي آهي. اهڙي ماحول ۾ هڪ ٻئي طاقت عوام کي اهو حق ڏيارڻ ۾ قدم وڌائيندي آهي، ان طاقت جو نالو سياست آهي. سياسي جماعتن جو اهو فرض آهي ته عوام جي لاءِ ڇپر ۽ ڇانوَ جو فرض ادا ڪن. پارٽيون عوام جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي وقف ڪن پر جتي سياست جاگيرداري ۽ بادشاهي انداز ۾ ٿئي، اتي عوام قرباني جي ڪردارن ۽ ڪولين ماڪوڙن کان وڌيڪ اهميت ناهي رکندو. ڪنهن ليڊر کي خاص ڪري حڪمران طبقي جي پارٽي جي اڳواڻ جي مٿي ۾ پٿر لڳي ها ته اقتدار پرست بنگلن ۽ اڳواڻن کان دانهون نڪري وڃن ها پر هي گولين سان چچريل لاش انهن جي لاءِ ڪا به اهميت نٿا رکن. ننڍيون ننڍيون سياسي جماعتون، قوم پرست ۽ کاٻي ڌر جا گروپ مستقل مزاجي سان جدوجهد ڪرڻ لاءِ ڪڏهن پنهنجو پاڻ کي پابند ناهي بڻايو، تنهن ڪري انهن جي لاءِ به اهي سانحا اڀريل اشوز آهن. اهي ايتري جدوجهد به نٿا ڪري سگھن، جيتري 70 سال جي پوڙهي مائي جندو ڪئي هئي پر عوام سان ٿيندڙ ظلم ۽ سانحا رياست جي لاءِ رڳو دانهون ڪندڙ آواز ناهن پر اهي سانحا خود رياست جي لاءِ ڌوڏيندڙ سوال به آهن، جن سان خود رياست جي بقا جو سوال شامل آهي ۽ ساڳئي طرح سان اهي سانحا خود سياست جي لاءِ به ڌوڏيندڙ سوال آهن. سنڌ جي ننڍي وڏي سياسي جماعت ۽ انهن جا اڳواڻ پنهنجو پاڻ کان سوال ڪن ته هو عوام سان گڏ بيهندا يا صرف جدوجهدن ۾ فوٽو ڪڍرائي ۽ فوٽو سيشن جو فرض ادا ڪندا؟