سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ۾ نجي شادي هال ۾ ٻن نوجوانن کي تذليل جو نشانو بنائڻ واري عمل خلاف جي ڊبليو سي ۽ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين ٿاڻي جي مين گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي وارث نوناري، عبدالمالڪ نوناري، محمد زمان، ايوب کوسو، چڱل انڙ، سليم مگسي، يعقوب چانڊيو ۽ تشدد جو شڪار نوجوانن امجد نوناري ۽ مسعود احمد نوناري چيو ته بناجواز ڀت ڌڻي هيرا نند ڀت کائڻ بعد نوجوانن کي پڪڙي گارڊ هٿان تشدد ڪرايو، هنن مطالبو ڪيو ته تشدد ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري سخت سزا ڏني وڃي، بعد ۾ هندو پوج پنچائت اڳواڻ مکي ڪشن چند، ڊاڪٽر پريم، گوبند پپو سونارو ڌرڻي ۾ پهچي متاثر نوجوانن جي وارثن سان ڳالهيون ڪيون ۽ کين يقين ڏياريو ته توهان کي هر طرح فيصلو ڏينداسين، الزام هيٺ آيل ڀت ڌڻي کي به پوليس حوالي ڪيو ويندو، جنهن بعد پوليس ڀت ڌڻي هيرا نند کي گرفتار ڪري سڪرنڊ ٿاڻي تي آندو، جڏهن ته تشدد ڪندڙ گارڊ منظور رند کي اڳ ئي گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف سڪرنڊ شهر جي معزز علي حسن انڙ ٻڌايو ته ٻنهي نوجوانن کي مون ڀت جو پوئو ڏئي چيو ته منهنجي طبيعت صحيح ناهي، توهان منهنجي طرفان ڀت کائي پير کڻي اچو، هو ڀت ۾ ري سڏيا نه ويا هئا، کين بنا جواز تشدد ڪيو ويو.