سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ کوسا جتوئي خوني تڪرار تان ٻن نينگرن سميت چئن ڄڻن جي قتل وارو معاملو، نيوپنڊ ٿاڻي تي 10 سڃاتل ۽ چئن اڻ سڃاتل جوابدارن مٿان دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو، ڳوٺ مهراب کوسو عزيز آباد قريشي ڳوٺ جي رهواسي زاهد حسين کوسو جي فرياد تي 10 سڃاتل ۽ چئن اڻ سڃاتل جوابدارن مٿان دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس دخل ڪيو ويو، ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته غلام سرور مصراڻي جتوئي ڌر سان پراڻو تڪرار هلندڙ آهي، جيڪي مختلف وقتن تي موتمار ڌمڪيون ڏيندا رهيا آهن، 28 اپريل تي ست موٽر سائيڪلن تي سوار 14 هٿياربندن غلام مصطفيٰ، غلام سرور، محرم، نصرالله، راجا، علي جان، دريا خان، عبدالرحيم، الاهي بخش عرف الاهو ۽ الله بخش مصراڻي جتوئي ۽ چئن اڻ سڃاتل جوابدارن دوڪان تي حملو ڪري جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 12 ورهين جو سمير، 22 ورهين جو علي حيدر، 18 ورهين جو شيراز ۽ 15 ورهين جو عبدالله چوهاڻ موقعي تي قتل ٿي ويا، هوڏانهن ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس هڪ به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپن جو سلسلو جاري آهي.