سکر(بيورو رپورٽ) سکر ۾ 9 سال اڳ قتل ٿي ويل نينگر جي واقعي جو وزيرآباد ۾ اڳوڻي ايم اين اي غوث بخش مهر جي سرپئنچيء ۾ جرڳو الزام آيل جوابدار ڌر مٿان 50 لک روپيا ڏنڊ وڌو ويو. ذريعن موجب جرڳي ۾ فريادي ڌر عبدالعزيز مهر. جوابدار ڌر ڏانهن واحد علي ميراڻي. مشتاق ۽ ممتاز ميراڻي ٻيا شريڪ ٿيا. جرڳي ۾ فريادي ۽ ڪيس ۾ نامزد جوابدار ڌر جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد فيصلي جي فتوي جاري ڪئي وئي. نينگر زبير احمد مهر جي قتل ۽ زيادتي ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ بعد الزام ڌر مٿان 50 لک روپيا ڏنڊ وڌو ويو. خون بها 25 لک ۽ نينگر سان زيادتي ڪري لاش درياء ۾ ڦٽو ڪرڻ جو مجموعي طور 50 لک چٽي وڌي وئي. ڌر فيصلي جي فتوي قبول ڪري پاڻ ۾ ٺهي ويون. موقعي تي جوابدار ڌر 5 لک ادا ڪيا ويا رهيل رقم 45 لک ست قسطن ۾ ادا ڪيا ويندا. 6 اپريل سال 2015 تي نينگر زبير احمد مهر لاپتا ٿي ويو بعد ۾ 11 اپريل تي سندس سنڌو درياء مان لاش مليو هو. سندس والد عبدالعزيز مهر جي فرياد تي اي ٽي سي ايڪٽ تحت قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو