سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٻن نينگرن سميت چئن ڄڻن جي قتل وارو معاملو، قتل ٿي ويلن جا لاش آباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي، جتوئي برادري جي هٿياربندن جي ايس ايس پي سکر کي ڌمڪيون ڏيڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل، تفصيل موجب گذريل ڏينهن نيوپنڊ ٿاڻي جي حد قريشي ڳوٺ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل ٽن شاگردن سميت چئن ڄڻن جي تدفين ڪئي وئي، قتل ٿي ويل 22 ورهين جي علي حيدر کوسو، 17 ورهين جي شيراز کوسو ۽ 12 ورهين جي نينگر سمير کوسو جي گڏيل جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنھن ۾ مختلف برادرين جي نيڪ مردن توڙي علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته دوڪان تي ڪم ڪندڙ پورهيت نينگر عبدالله چوهاڻ جي ڌار تدفين ڪئي وئي، واقعو جتوئي ۽ کوسا برادري جي ٻني ڌرين وچ ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان پيش آيو هو، هوڏانهن جتوئي ڌر جي هٿياربندن سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ڪئي آهي، جنهن ۾ هنن ايس اس سکر کي مخاطب ڪندي چيو آهي ته اسان جو قبائلي تڪرار آهي، پوليس کي وچ ۾ نه اچڻ گهرجي، جيڪڏهن ايس ايس پي يا پوليس وچ ۾ آئي ته راڪيٽ لانچرز توڙي جديد هٿيارن سان انهن جو استقبال ڪيو ويندو، وڊيو ۾ هٿياربندن جي هٿن ۾ راڪيٽ لانچرز توڙي جديد هٿيار هئا،  هوڏانهن واقعي کي ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس چئن ڄڻن جي قتل ۾ ملوث ڪنهن به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي ۽ نه ئي واقعي جو ڪيس داخل ٿي سگهيو آهي.