سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ ننڍي عمر جي پينو فقير ٻارڙين پاران چوري جي واردات، ٻارڙيون سيمينٽ ايجنسي جي دوڪان تان 10 لک روپيا چوري ڪري کسڪي ويون، چوري جا سي سي ٽي وي فوٽيج هٿ ڪيا ويا، فوٽيجز ۾ ٻه پينو فقير ٻارڙين دوڪان مالڪ کي ڳالهين ۾ مصروف رکيو، ٽئين نينگري دوڪان ۾ داخل ٿي ڪائونٽر مان رقم کڻي فرار ٿيندي نظر اچي رهي آهي، دڪان مالڪ مطابق چالاڪ ٻارڙيون 10 لک روپيا چوري ڪري فرار ٿي ويون آهن، ذريعن موجب اي سيڪشن پوليس سي سي ٽي وي فٽيجز جي مدد سان ٻارڙين کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جن کان پڇا ڳاڇا وارو عمل شروع ڪيو ويو آهي.