سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ گوليمار واري علائقي جي رهواسين سائيٽ ايريا پوليس پاران ٽن نينگرن جي گرفتاري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي محمد پنهل شيخ، مسمات عشرت شيخ ۽ ٻين دانهيندي الزام الزام لڳايو ته ستن ورهين جي معصوم ٻالڪ غلام سرور شيخ ۽ ڇهن ورهين جي محمد ڪريم شيخ کي سائيٽ ايريا پوليس لوهه چوري ڪرڻ جي الزام هيٺ بيگناهه گرفتار ڪري لاڪب ڪري ڇڏيو آهي، مٿن اهڙو ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي ۽ انهن کي وڏي عمر جي جوابدارن سان گڏ لاڪپ ۾ رکيو ويو آهي، هنن اعتراف ڪندي چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ٻارن گوليمار ۾ هڪ لوهه جي دوڪان مان 4 کان 5 ڪلو لوهه گهر ۾ راشن نه هجڻ سبب لاعلمي ۾ اهڙو غلط قدم کنيو، دوڪان مالڪ زاهد ميمڻ انهن ٻنهي ٻارن کي پڪڙي سائيٽ ايريا پوليس حوالي ڪيو، سائيٽ ايريا ٿاڻي جي آفيسرن کي منٿون ڪيون، معافي پڻ ورتي، پر پوليس ڪا به فرياد نه ٻڌي، هنن گهر ڪئي ته نينگرن کي آزاد ڪيو وڃي.