سکر (بيورو رپورٽ) سکر جي ٻن قومي ۽ چئن صوبائي اسيمبلي جي سيٽن تي نامزدگي فارم وصول ڪرڻ وارو عمل جاري آهي، ڪالهه ٻن قومي اسيمبلي جي تڪن تي 164 نامزدگي فارم وصول ڪيا ويا، چئن صوبائي اسيمبلي جي سيٽن تي 267 فارم ريٽرننگ آفيسرز پاران جاري ڪيا ويا، اين اي 200 تي 106 ۽ اين اي 201 تي 58 نامزدگي فارم جاري ٿيا، پي ايس 22 لاءِ 31، پي ايس 23 لاءِ 57، پي ايس 24 لاءِ 102 ۽ پي ايس 25 لاءِ 77  نامزدگي فارم جاري ٿيا، اڳوڻي وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه اين اي 201 ۽ سندس فرزند اڳوڻي ايم پي اي فرخ شاهه پي ايس 24 لاءِ نامزدگي فارم وصول ڪيو، ورتل معلومات موجب ڊي آر او سميت آر اوز آفيسن ۾ ڪو به نامزدگي فارم جمع ناهي ڪرايو ويو.