پاڪستان پيپلز پارٽي سکر اندر ھائوسز ۾ تقسيم ٿيل آھي. سکر ۾ سڀ کان وڏو ۽ سگھارو ‘ھائوس’ وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاھ جو آهي ۽ اڳوڻي سينيٽر اسلام الدين شيخ جو هائوس به سگهارو آهي. روھڙي ۾ ھجڻ باوجود سکر ۾ اثر انداز ٿيندڙ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ جو ‘ھائوس’ پڻ آهي. سياسي ھائوسز جيان جيالا، پارٽي ورڪر به ھائوسز جا وفادار طور تسليم ڪيا وڃن ٿا ته فلاڻي اڳواڻ يا ڪارڪن جو فلاڻي ھائوس سان تعلق آھي. هتي پارٽي (پ پ پ) کان وڌيڪ ھائوسز کي اھميت ڏني ويندي آھي. بلدياتي اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن حلف کڻڻ کان پوءِ پنھنجي پنھنجي حامي ھائوسز، جيڪي سکر توڙي ڪراچيءَ ۾ واقع آھن، ان جا مسلسل چڪر لڳايا. ظاھر آھي جيڪو ھائوس سکر ۾ مضبوط سمجھيو ويندو آھي، اُن جي اميدوارن پاڻ کي مضبوط اميدوار طور ظاھر ڪيو. مان مٿي ذڪر ڪري چڪو آھيان ته سگھارو ھائوس سکر ۾ سيد خورشيد احمد شاھ جو تسليم ڪيو ويندو آھي، تنھن ڪري سکر، پنوعاقل توڙي ڪنڌرا ۾ اِن ھائوس جا اميدوار پاڻ کي ضلع ڪائونسل، ميونسپل ڪاميٽي توڙي ٽائون ڪاميٽيءَ لاءِ مضبوط سمجهي رھيا ھئا پر ٽڪيٽن جي ورھاست واري اعلان کان پوءِ سکر جي رھواسين آڏو ھڪ غير يقيني صورتحال سامھون اچي وئي آھي. باقي اميدوار ته ٺھيو، سيد خورشيد احمد شاھ کي بلدياتي سيٽ اپ ۾ پنھنجي فرزند سيد زيرڪ شاھ جي به ٽڪيٽ نه ملي سگھي. بلدياتي اليڪشن کان پارٽي ٽڪيٽ جي اعلان تائين پوري ميڊيا، سوشل ميڊيا توڙي سياسي حلقن ۾ ٽائون ڪاميٽي نثار احمد صديقيءَ تي زيرڪ شاھ کي مضبوط اميدوار سمجهيو پئي ويو، جنھن ڪري ان جي سامھون ڪنھن به پارٽيءَ کي ٽڪيٽ ڏيڻ جي لاءِ به درخواست نه ڏني ۽ نه ئي تازو ٽڪيٽ جي اعلان کان اڳ ڪو اميدوار ڄاڻايل ٽائون چيئرمين جي سيٽ تي ظاھر ٿيو، تنھن ڪري پ پ طرفان سيد خورشيد احمد شاھ کي پنھنجي پٽ جي لاءِ بلدياتي سيٽ نه ڏيڻ تي سکر ۾ ھڪ بحث شروع ٿي ويو آھي ته ڇا آصف علي زرداري ۽ سيد خورشيد احمد شاھ ۾ اختلاف ھجڻ سبب کيس نظر انداز ڪيو پيو وڃي؟ ۽ خورشيد شاھ کي نظر انداز ڪرڻ واريون ڳالھيون ھي پھريون ڀيرو ناھن ٿي رھيون، اِن کان اڳ به جڏھن سيد خورشيد شاھ مٿان نيب ريفرنس داخل ٿيو، جنھن ۾ سندس پٽن سميت گھر ڀاتين کي شامل ڪيو ويو ۽ خورشيد شاھ کي گرفتار ڪيو ويو، تڏھن به اِھي ڳالھيون عام ھيون ته زرداريءَ سان اختلافن سبب خورشيد شاھ سان اِھو سڀ ڪجھ ٿي رھيو آھي ۽ اِھي به ڳالھيون ھيون ته خورشيد شاھ جي مھينن کان پوءِ ضمانت ۾ به مسلم ليگ (ن) ڪردار ادا ڪيو. نواز ليگ جي مرڪزي ترجمان مريم اورنگزيب سکر پھچي نيب جي حراست دوران سيد خورشيد شاھ سان ملاقات ڪئي ھئي. جيتوڻيڪ سيد خورشيد احمد شاھ اختلافن جي ترديد توڙي ھميشه پارٽيءَ ۾ رھڻ متعلق به بيان ڏيندو رھيو آھي. ھاڻ جڏھن خورشيد شاھ جي ڪجھ عرصي کان طبيعت بھتر ناھي، اِن دوران سندس حامي اميدوارن کي اُن جي ئي تڪ پنوعاقل، ڪنڌرا توڙي سکر ۾ نظر انداز ڪرڻ تي سندس حامين ۾ بيچيني ۽ مايوسي واري لھر ڇانيل آھي، جن طرفان سوشل ميڊيا ذريعي اھڙو پيغام پارٽي قيادت کي ڏنو آھي. اِن کان اڳ سيد خورشيد احمد شاھ توڙي اڳوڻي سينيٽر اسلام الدين شيخ جي ھائوسز ۾ ورھين کان سيٽن، اختيارن، من پسند آفيسرن جي مقررين توڙي بدلين تي اختلاف ھلندڙ آھن. جيتوڻيڪ ٻنھي ھائوسز طرفان اختلافن جي ترديد به ڪئي وئي آھي پر اِن باوجود سکر ۾ اِھي ڳالھيون عام آھن ته فلاڻو آفيسر شاھ ۽ فلاڻو آفيسر شيخ ھائوس جو وفادار آھي، جنھن جو ھڪ تازو مثال سکر ميونسپل ۾ سيد خورشيد احمد شاھ جي حامي کي ميونسپل ڪمشنر لڳائڻ جو آھي. سيد جواد شاھ جو ٻه ڀيرا آرڊر ٿيو پر اُن کي جوائننگ به نه ڪرڻ ڏني وئي. يعني اندروني طور تي ھائوسز اندر اختلاف آھن، جن متعلق سکر جا عام ماڻھو به ڄاڻن ٿا. ھن بلدياتي سيٽ اپ ۾ شيخ ھائوس ۽ ناصر شاھ ھائوس وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاھ ھائوس کي ڄڻ ته شڪست ڏئي ڇڏي آھي. ميئر ميونسپل ڪارپوريشن جي سيٽ شيخ ھائوس وٽ ئي رھي آھي. اڳوڻو سينيٽر اسلام الدين شيخ ۽ سندس ڀاءُ ٻه ٻه ڀيرا ميئر رھي چڪا ۽ ھاڻي اسلام الدين شيخ جو پٽ بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ به ٻيون ڀيرو ميئر نامزد ٿي ويو آھي. سکر جي تاريخ ۾ ميئر جي سيٽ شيخ ھائوس کان ٻاھر وئي ئي ناھي. تنھن ڪري اھي تاثر اُڀري رھيا آھن ته يا ته پيپلز پارٽيءَ کي اِن ھائوس کان وڌيڪ اھل ماڻھو نٿا ملن يا وري ميئر شپ شيخ ھائوس جي ئي حوالي ٿيل آھي. اسلام الدين شيخ پاڻ سينيٽر رھي چڪو آھي، سندس پٽ نعمان اسلام شيخ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر آھي. جڏھن ته ارسلان اسلام شيخ جي گھر واري ڊاڪٽر انعم ارسلان شيخ پڻ بلدياتي اليڪشن ۾ چيئرمين جي سيٽ تي بنا مقابلي ڪامياب ٿيل آھي، جنھن کي ڊپٽي ميئر آڻڻ جون ڳالھيون شروعاتي ڏھاڙن ۾ ھلي رھيون ھيون پر ھن ڀيري ڊپٽي ميئر جي لاءِ ھائوسز اندر وڏو مقابلو ھو. شيخ ھائوس جو ئي حمايت يافته طارق حسين چوھاڻ ڊپٽي ميئر لاءِ اميدوار ھو، اِن سان گڏ شاھ ھائوس جو حمايتي اميدوار مير عبدالرحمان مينگل به ڊپٽي ميئر شپ حاصل ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ سندرو ٻڌي لھي پيو. ٻنھي اميدوارن جي حامي ھائوسز طرفان به پنھنجو پنھنجو اميدوار آڻڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون ويون پر پ پ سکر سٽيءَ جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر ارشد مغل ٻنھي ھائوسز جي ارمانن تي پاڻي ڦيري وڌو، جنھن طرفان پارٽيءَ قيادت کي ميئر شپ ڏيڻ جي درخواست ڏني، جنھن تي شيخ ھائوس ۾ ٿرٿلو مچي ويو، ڇو جو اِن کان اڳ ميئر شپ لاءِ ڪو به اميدوار پارٽي قيادت وٽ سامھون ئي نه آيو ھو. شيخ ھائوس ڊاڪٽر ارشد مغل کي ڊپٽي ميئر يا وري ٽائون ڪاميٽيءَ جي چيئرمين طور راضي ڪري ورتو، پر اِن باوجود ارشد مغل جو نالو ڊپٽي ميئر لاءِ گھٽ ۽ ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين لاءِ وڌيڪ گردش ڪري رھيو ھو. پارٽي ٽڪيٽن جي اعلان وقت ڊاڪٽر ارشد مغل کي ڊپٽي ميئر لاءِ نامزد ڪيو ويو ۽ حيرت جي ڳالھ اِھا آھي ته ٽڪيٽن جي اعلان وقت سڀ کان مضبوط اميدوار زيرڪ شاھ جي ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين جي اميدوار طور نامزدگيءَ کي روڪيو ويو، جنھن تي پھريان طارق حسين چوھاڻ جي حامين طرفان ريلي بچل شاھ کان ريلي ڪڍي وئي، جنھن پوري شھر جو گشت ڪيو ۽ ريلي ۾ شرڪت ڪندڙ اڳواڻن جو چوڻ هو ته شھر ۾ چوھاڻ برادري جا 16 ھزار ووٽ آھن پر اِن باوجود کين روزگار ۾ نظر انداز ڪيو ويو ۽ ھو خاموش رھيا پر ھاڻي ته طارق چوھاڻ کان ڊپٽي ميئر جي به سيٽ واپس ورتي وئي آھي، تنھن ڪري اسان مطالبو ڪريون ٿا ته ٽائون ڪاميٽي نثار صديقي جي چيئرمين واري سيٽ طارق چوھاڻ کي ڏني وڃي. ٻئي طرف وري زيرڪ شاھ جي حامين به ريلي ڪڍي مطالبو ڪيو ته زيرڪ شاھ جي روڪيل نامزدگيءَ جو اعلان ڪيو وڃي ۽ انھن جي حامين ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي. جڏھن ته اِن کان اڳ شاھ ھائوس جي حمايت يافته اميدوار پ پ روھڙي تعلقي جي صدر نبي بخش جسڪاڻي وڊيو بيان جاري ڪندي نظر انداز ڪرڻ جي پارٽي قيادت کي ميار ڏني ۽ پاڻ وٽ گھرائي مسئلو ٻڌڻ جي پڻ درخواست ڪئي. ساڳي ريت سينيئر ترين ڪارڪنن جو ھڪ وڏو انگ به پارٽي قيادت کي موقعو ڏيڻ جي انتظار ۾ آھي پر پارٽي قيادت ھائوسز کان نڪرندي ته کيس سينيئر ورڪر ياد ايندا. طارق چوھاڻ ۽ زيرڪ شاھ جي حمايت ۾ نڪتل ريلين جي لڳ ڀڳ ٻن ڪلاڪن کانپوءِ ئي پ پ سنڌ جي صدر طرفان ٽائون ڪاميٽيءَ نثار صديقيءَ جي چيئرمين لاءِ طارق حسين چوھاڻ ۽ وائيس چيئرمين جي سيٽ لاءِ ذوالفقار کوسو جو اعلان ڪيو ويو. ٻئي ھائوس جا حمايت يافته اميدوار آھن. هن وقت سکر ۾ اهي ڳالھيون گردش ۾ آهن ته خورشيد شاھ وٽ ٽي اھم سيٽون آھن، تنھن ڪري پارٽي قيادت ورڪر کي سيٽ ڏيڻ کان اڳ کيس راضي ڪيو ھو. ڪجھ حلقا اھو به چئي رھيا ھئا ته خورشيد شاھ سينيئر ترين اڳواڻ آھي، جنھن پنوعاقل، ڪنڌرا توڙي سکر ۾ سندس حامين کي نظر انداز ڪرڻ تي پارٽي قيادت آڏو احتجاج ڪندي ميارون ڏنيون. اھڙي طرح زرداريءَ سان اختلاف ھجڻ تي خورشيد شاھ کي ڀت سان لڳائڻ واريون افواھون به گردش ڪري رھيون آھن. اِن سموري عمل کان پوءِ به خورشيد شاھ پاڻ ڪو به وضاحتي بيان جاري ناھي ڪيو. البته سندس فرزند سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر سيد فرخ شاھ ھڪ وڊيو بيان جاري ڪندي چيو آھي ته ٻن ٽن ڏينھن کان سوشل ميڊيا تي نامناسب پوسٽون ھلي رھيون آھن، ھلندڙ پوسٽن سان منھنجي والد خورشيد شاھ، ڀاءُ زيرڪ شاھ جو تعلق ناھي ۽ نه ئي اسان اھڙيون ھدايتون ڏنيون آھن، مان پنھنجي ورڪرز ڀائرن کي گذارش ڪريان ٿو ته اھڙي عمل کان پاسو ڪريو، اسان پيپلز پارٽي ۾ آھيون ۽ ھميشہ رھنداسين. جھڙي طريقي سان بلدياتي نمائندگيءَ لاءِ سيٽن جي ورھاست ٿي آھي، اِن مان لڳي ٿو ته عام چونڊن ۾ به سيٽن جي ورھاست ۾ تبديلي اچڻ جا امڪان آھن. بلدياتي اليڪشن ۾ نظر انداز ٿيل سيد خورشيد احمد شاھ ۽ سندس فرزند سيد فرخ شاھ جي صوبائي اسيمبلي واري سيٽ به کسجڻ جا امڪان آھن، ڇو تاج گروپ جي مالڪن جي پ پ قيادت سان ملاقات ٿي آھي، جن گذريل اليڪشن ۾ محمد علي شيخ جي لاءِ سيٽ نه ملڻ تي پ پ مخالفت ۾ اليڪشن وڙھي ھئي ۽ محمد اسلم شيخ جيڪو ضلع ڪائونسل سکر جو چيئرمين ھو، اُن به پنھنجي عھدي تان پارٽي سان اختلافن سبب استعيفا ڏئي ڇڏي ھئي ۽ وڏي وقت تائين ضلعي چيئرمين شپ به خالي ھئي. اِن دوران شيخن کي راضي ڪرڻ جي لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون ويون پر پ پ ناڪام رھي. نيٺ ھاڻ ٻنھي ڌرين ۾ ڳالھيون ڪامياب ٿي ويون آھن، تنھن ڪري اھي واضح امڪان آھن ته ھن ڀيري سينيئر پ پ اڳواڻ تاج محمد شيخ پنھنجي اميدوار لاءِ صوبائي اسيمبليءَ جي سيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندو. ھن وقت سکر ۾ موسمي گرمي پد جيان سياسي صورتحال به انتھائي گرم آھي. ڪٿي خوشيون ته ڪٿي مايوسيءَ نظر پئي اچي، ڏسجي ته اڳتي ھلي ڪھڙي صورتحال بيھي ٿي.