سکر(بيورو رپورٽ) سکر جي ويجهو ڳوٺ الهڏنو خروس جي رهواسين مسمات مائي حضوران خروس، مسمات دادلي، مسمات بشيران خروس ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته اسان جي نوجوان عارف حسين خروس، ناري رخسانه خروس سان 18نومبر 2024 تي ڪراچي جي سٽي ڪورٽ ۾ پسند جي شادي ڪئي آھي، جنھن تان ناري جا مائٽ مائٽن گهر ۾ داخل ٿي 12 مينهون، سولر پليٽون ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻڻ سان گڏ ناري واپس ڪرڻ جو چيو ۽ نه ڏيڻ تي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آهن، جڏهن  ته  ايئرپورٽ ٿاڻي تي اهڙي دانهن باوجود پوليس ڪابه ڪاروائي ناهي ڪئي، هنن ڊي آءِ  جي سکر، ايس ايس پي سکر سميت ٻين اختيارن کان مال ۽ ٻيو سامان واپس ڏياري تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.