سکر (بيورو رپورٽ) اينٽي ڪرپشن سکر ڪارروائي ڪري گورنمينٽ ايمپلائز ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي سکر جي اعزازي سيڪريٽري امجد ڊومڪيءَ کي جعلسازيءَ جي الزام هيٺ گرفتار ڪري ورتو. اينٽي ڪرپشن سکر جي سرڪل آفيسر خالد ٻرڙو مطابق جوابدار امجد ڊومڪيءَ کي گرفتار ڪرڻ بعد اينٽي ڪرپشن عدالت ۾ پيش ڪري ٽن ڏينهن جو جسماني ريمانڊ حاصل ڪيو ويو. گرفتار جوابدار خلاف ڪارروائي ريٽائرڊ ميجر عبدالرحمان شيخ جي درخواست تي ڪئي وئي، جوابدار سوسائٽيءَ جي چيئرمين نويد منگيءَ ۽ ٻين سان ملي ڀڳت ڪري جعلي دستاويزات ٺهرايا. جعلي دستاويزات جي بنياد تي جوابدارن ڪروڙين رپين جو پلاٽ وڪرو ڪري ڇڏيو، تڪراري پلاٽ ڊاڪٽر نذير احمد شيخ جي ملڪيت هو، جنهن جو پاور آف اٽارني ميجر (ر) عبدالرحمان شيخ جي نالي تي آهي. ڊاڪٽر نذير احمد شيخ اُن وقت سعودي عرب ۾ رهائش پذير هيو. نويد منگي ۽ ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهي. گرفتار جوابدار کان وڌيڪ پڇاڳاڇا وارو عمل جاري آهي.