سکر (بيورو رپورٽ) ايف بي آر ان لينڊ روينيو پاران ڪروڙين رپين جي جي لاڳت جا نان ٽيڪس ڊيوٽي پيڊ پيڊ سگريٽ ساڙيا ويا. هڪ سال دوران مختلف ضلعن ۾ 11 ڪارروائين دوران ڪروڙين رپين جا غيرقانوني سگريٽ پڪڙيا ويا. ايف بي آر ڊپارٽمينٽ جي ان لينڊ روينيو آر ٽي او سکر پاران سائيٽ ايريا ۾ جون 2024ع کان جولاءِ 2025ع تائين مختلف ضلعن ۾ 11 ڪاروائيون ڪري تحويل ۾ ورتل ڪروڙين رپين جي لاڳت جا غيرقانوني سگريٽ چيف ڪمشنر ڊاڪٽر توقير ميمڻ، ڪشمنر ايف بي آر عدنان احمد خان ۽ ڊپٽي ڪمشنر محمد يعقوب راڄپر جي نگراني ۾ ساڙي ضايع ڪيا ويا. ايف بي آر عملدارن جو چوڻ هو ته ساڙيل سگريٽن جي ماليت 290 ملين رپين کان وڌيڪ آهي. انهن سگريٽن تي اسان جو ٽيڪس 149 ملين رپيا هيو. ڄاڻايل سگريٽ 11 مختلف مختلف ڪارواين دوران جولاءِ 2024ع کان مئي 2025ع تائين پڪڙيا ويا. ڪاروائيون سکر سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڪيون ويون.