سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) عيد الاضحيٰ جي ٽنهي ڏهاڙن لاءِ ڪاسائين جي بڪنگ تيزيءَ سان جاري. اڪثر ڪاسائين ٽنهي ڏهاڙن لاءِ بڪنگ ٿيڻ کانپوءِ نئين بڪنگ بند ڪري ڇڏي، ڪاسائين ڇريون، ڪات، ڪهاڙا تيز ڪري ڇڏيا، رپورٽ موجب سکر جي ڪاسائين قرباني واري عيد تي قرباني جي جانورن کي ذبح ڪرڻ لاءِ ڇُريون، ڪات، ڪهاڙا تيز ڪري ڇڏيا آھن، اڪثر ڪاسائين وٽ عيد جي ٽنھي ڏھاڙن تي بڪنگ وارو عمل مڪمل ٿي ويو آھي، ھينئر بڪنگ لاءِ ايندڙن هر ھڪ کان 2 ھزار رپيا اضافي معاوضو اڳواٽ ورتو پيو وڃي، غريب آباد، ڍڪ روڊ تي گوشت وڪرو ڪندڙ ڪاسائين جو چوڻ آھي ته عيد جي پھرين ڏينھن، ٻئي ۽ ٽئين ڏينھن جا الڳ الڳ ريٽ ھوندا آھن، اھڙي طرح وزن جي حساب سان وڏي قرباني جي جانورن ۽ ننڍي جانورن جا اگھه طئي ٿيندا آھن، وڏو قرباني جو جانور 15 ھزار رپين کان 25 ھزار رپين ۾ ۽ ننڍو قرباني جو جانور 2500 کان 7 ھزار رپين ۾ ذبح ڪيو ويندو آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ ڪاسائين چيو ته ھڪڙي ڏينھن ۾ 70 کان 100 ننڍا جانور ٻڪر ذبح ڪندا آھيون، جيڪڏھن مفاصلو گھٽ ھوندو آھي ته اِن کان وڌيڪ به قرباني جا جانور ذبح ڪري ويندا آھيون، جڏھن ته وڏا جانور سڄي ڏينھن ۾ 10 کان 15 تائين ذبح ٿيندا آهن، ڪاسائين مطابق عيد جا ٽئي ڏينھن تمام گھڻا مصروف گذرندا آهن، سال ۾ اِھي ئي ڏينھن ھجن ٿا جن ڏهاڙن ۾ سٺو روزگار ٿيندو آھي، هنن چيو ته مهانگو جانور خريد ڪندڙ چند ھزار رپيا ڪاسائي سميت پورھيتن کي معاوضو ڏيڻ کان لنوائيندو آھي، ٻئي طرف قرباني ڪندڙ شھرين عمران بنڌاڻي، حافظ محبوب سهتو، شبير ميمڻ، مفتي فاروق شيخ ۽ ٻين جو چوڻ آھي ته مھانگائي تمام وڌي وئي آھي، مال پڙي تي مالوند قربانيءَ جي جانور جو پنھنجو اگھه ٻڌائين ٿا، وڏي مشڪل سان ڳالھين، بحث مباحثي کانپوءِ جڏھن جانور خريد ڪري پھچون ٿا ته وري ڪاسائين جا نخرا برداشت ڪرڻا پون ٿا.
حيدرآباد واسين لاءِ عيد مهانگي: ڀاڄين جا اگهه چوٽ چڙهي ويا، 30 وارا ٽماٽا 300 رپيا ڪلو
حيدرآباد(بيورو رپورٽ) قرباني جي عيد هجڻ ڪري مخصوص، سڪي مصالحي، سبزين ۽ سائي مصالحي جا اگهه چوٽ چڙهي ويا، ٽڪي ڌڙي وڪرو ٿيندڙ ٽماٽن جو اوچتو ئي آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳو، 30 کان 40 رپيا ڪلو وڪرو ٿيندڙ ٽماٽا عيد جي رات 250 کان 300 رپيا ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳا، عام ڏينهن ۾ ساوا ڌاڻا، ڦودنو ۽ ساوا مرچ ٻي سبزي سان گڏ گراهڪ کي مفت ۾ ملندا هئا، پر عيد جي رات ساوا ڌاڻا، ساوا مرچ ۽ ڦودنو 50 رپين کان گهٽ ۾ نه پئي مليو، عيد جي هڪ ڏينهن اڳ ئي مناسب اگهه تي وڪرو ٿيندڙ پٽاٽن ۽ بصرن جو اگهه به وڌي ويو. گرم مصالحي سميت ٻين مصالحن جي اگهن ۾ به واڌ نظر آئي. ان سلسلي ۾ ڀاڄيون وڪڻندڙ دڪاندارن جو چوڻ آهي ته منڊيءَ ۾ کين جنهن قيمت ۾ شيون ملنديون، ان ئي قيمت جي حساب سان پنهنجو فائدو رکي شيون وڪرو ڪنداسين. هنن چيو ته منڊي ۾ مختلف سبب ڄاڻائي ٽماٽا، پٽاٽا، بصر ۽ سائو مصالحو مهانگو ڪيو ويو. عيد رات مفت ۾ ڀاڄي سان گڏ ملندڙ ساوا ڌاڻا 50 رپين کان گهٽ ۾ نه مليا، ساوا مرچ، ڦودنو، ادرڪ، ٿوم ۽ ٻين شي جي اگهن ۾ هڪ ڏينهن اندر واڌ ٿي وئي.
|
مهانگائي سبب حيدرآباد جي بازار ۾ خريداري گھٽجي وئي
حيدرآباد: مھانگائي ۽ غربت ۾ واڌ جي ڪري حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ عيد جي رات به خريداري جو رجحان معمول کان انتھائي گھٽ نظر آيو، ماضيءَ ۾ عيد جي رات ھزارن جي تعداد ۾ ماڻھو بازارن ۾ عيد جي خريداري جي لاءِ نظر ايندا ھئا، پر گذريل ڪجهه سالن کان اھڙي صورتحال نظر نه آئي، معمول کان انتھائي گھٽ رش نظر آئي، بازارن ۾ ٻاڙائي وارو ماحول رھيو، حيدرآباد جي ريشم بازار، شاھي بازار، صدر، گل سينٽر، آٽوڀان روڊ، لطيف آباد قاسم آباد جي مختلف بازارن سميت شھر ۾ قائم شاپنگ مالن ۾ گھٽ تعداد ۾ ماڻھن خريداري ڪئي. حيدرآباد جي دڪاندارن جو چوڻ آھي ته مھانگائي سبب مختلف شين قيمتن ۾ اضافو ٿي ويو آھي، پر خريداري کي ڏسندي گراھڪن سان ڪجھه رعايت ڪري رھيا آھيون.
|
ملڪ جون حالتون مھانگائي جي ور چڙھيل آھن، سمور اثر عوام تي پئي ٿو: شهري
حيدرآباد: حيدرآباد ۾خريداري ڪندڙن جو چوڻ ھو ته ملڪ جون حالتون مھانگائي جي ور چڙھيل آھن ۽ ان جو سمورو اثر عوام جي مٿان پيو آھي. ھنن چيو ته عيد جي خوشين جي موقعي تي پنھنجي وس آھر خريداري ڪري رھيا آھيون. مھانگائي جا ذميوار حڪمران آھن، بازارن ۾ ڪپڙن جا مختلف اگھ مقرر آھن 3 هزار رپين کان وٺي 5 ھزار تائين وڳو ملي رھيو آھي، اھي ڪپڙن جي مختلف ڊزائين سبب قميتون مقرر آھن. عورتن چيو ته چوڙين بنا عيد اڻپوري ھوندي آھي، انڪري چوڙيون به ڪپڙن جي رنگ جي حساب سان خريد ڪرڻيون پيون آھن، چوڙين جو 200 رپين کان شروع ٿئي ٿو، اھڙي طرح 400 رپيا بنڊل واريون چوڙيون به آھن، سينڊل بوٽن جون قيمتون 3 ھزار کان وٺي 6 ھزارن تائين مقرر آھن.