سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سکر ۾ هٿياربندن جو پراڻي دشمني تان دڪان تي حملو، فائرنگ ۾ هڪ نينگر سميت 4 ڄڻا قتل، هڪ عورت سميت 3 ڄڻا زخمي، علائقي ۾ خوف هراس، واقعو کوسا جتوئي ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان پيش آيو، لاش پوسٽ مارٽم ۽ قانوني ڪاروائي بعد وارثن حوالي، خبر موجب پنڊ ٿاڻي جي حد قريشي ڳوٺ واري علائقي ۾ هٿياربندن چپلن جي دڪان تي حملو ڪري هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، فائرنگ جي نتيجي ۾ نينگر سمير کوسو، علي حيدر کوسو، شيراز کوسو ۽ دڪان تي ڪم ڪندڙ پورهيت عبدالله چوهاڻ مارجي ويا، جڏهن ته گوليون لڳڻ سبب هڪ واٽهڙو عورت مسمات انيسا شيخ سميت ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا، هٿياربند واقعي بعد فائرنگ ڪندا ڪچي طرف فرار ٿي ويا، قتل ٿي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي علاج لاءِ سول اسپتال سکر منتقل ڪيو ويو، مقتولن جي وارثن مطابق مصراڻي جتوئي برادري سان پراڻو تڪرار هلندڙ آهي، جنهن تان حملو ڪري 4 ڄڻا قتل ڪيا ويا، هنن چيو ته لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال ۾ موجود آهن پر ڊيوٽي ڊاڪٽر توڙي عملو موجود ناهي، پوليس مطابق واقعو پراڻي خوني تڪرار تان پيش آيو آهي، مليل ڄاڻ موجب ڪجهه سال اڳ مبينا طور چور جي مارجڻ واري معاملي تان جتوئي ۽ کوسا ڌرين ۾ تڪرار شروع ٿيو هو، جنهن تان هٿياربندن حملو ڪيو.