سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ ڏوهارين جو پيچو ڪندڙ پوليس موبائيل سان خطرناڪ حادثو، 3 ڄڻا فوت، 4 زخمي. هڪ جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي، تفصيل موجب سکر ويجهو سائيٽ ايريا ٿاڻي جي حد جعفر آباد وٽ ڏوهارين جو پيڇو ڪرڻ دوران تيز رفتار پوليس موبائيل وڻ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ اهلڪار اشفاق شيخ ۽ هڪ پرائيويٽ شخص عامر شيخ فوت ٿي ويا، جڏهن ته حادثي ۾ ڊرائيور جاويد بروهي، ڪاشف رند، سهراب آرادين، مسعود شاهاڻي ۽ رحمان کوکر زخمي ٿي پيا، جن کي علاج لاءِ رينجرز اسپتال منتقل ڪيو ويو، جن مان مسعود شاهاڻي زخمن جي سٽ نه سهي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، پوليس موجب مشڪوڪ گاڏي جو پيڇو ڪرڻ دوران تيز رفتاري سبب موبائل وڻ سان ٽڪرائجي وئي، پوليس ذريعن موجب ڄاڻايل پوليس موبائيل شڪارپور جي اسپيشل ٽيم جي هئي، جيڪا سکر کان شڪارپور وڃي رهي هئي ته رستي تي مشڪوڪ گاڏي ڏسڻ تي ان جو پيڇو ڪرڻ دوران حادثو پيش آيو.