سکر(بيورو رپورٽ) سکر جي ملٽري روڊ بينظير پارڪ ويجهو تيز رفتار ويگو موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو. جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچيءَ جو رهواسي 27 ورهين جو نوجوان محمد عثمان ولد محمد نعمان ميمڻ ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته عبدالله ولد سلمان ۽ عبدالاحد ولد محمد عدنان زخمي ٿي پيا. جن کي علاج لاءِ سکر جي نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو. جِتي حالت ڳڻتيءَ جوڳي هجڻ تي نوجوان عبدالله کي ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو، حادثي ۾ فوت ٿي ويل جو لاش قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته موقعي تان ويگو گاڏيءَ ۾ سوار پوليس جي موجودگيءَ ۾ کسڪي ويا، پوليس ويگو کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي، حادثي بعد متاثر نوجوان جي وارثن پاران اي سيڪشن ٿاڻي آڏو ذميوارن جي گرفتاريءَ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو، جڏهن ته اي سيڪشن ٿاڻي تي فريادي محمد عمران ميمڻ جي فرياد تي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، خبر موڪلڻ تائين پوليس حادثي جي ذميوار کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، ٻئي طرف حادثي واري هنڌ جي سامهون آيل سي سي ٽي وي وڊيو مطابق پيٽرول پمپ تان پيٽرول ڀرائي موٽرسائيڪل سوار پنهنجي سائيڊ وڃڻ لاءِ روڊ ڪراس ڪري رهيا هئا ته تيز رفتار ويگو کين ٽڪر هنيو، هوڏانهن مليل ڄاڻ موجب رمضان جي ڀلاري مهيني جي 27 هين تي ختم القرآن جي سعادت حاصل ڪندڙ حافظ محمد عثمان ميمڻ عيد جون خوشيون ملهائڻ لاءِ پنهنجي ڏاڏي سکر اسمال ٽريڊرز جي باني حاجي جاويد ميمڻ وٽ رهيل هئو. متاثر خاندان مطابق ويگو جو مالڪ مڪيش ڪمار ولد چوئت رام آهي، جنهن جو پٽ ويگو هلائي رهيو هو. سمورا تفصيل هجڻ باوجود افسوس پوليس هن وقت تائين ذميوار کي گرفتار ناهي ڪري سگهي.