سکر (بيورو رپورٽ) رھبر ڪاميٽيءَ طرفان سکر ۾ ھنيل ڌرڻي وارو معامرو، رياض چانڊيو، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، اسلم خيرپور، پنھل ساريو سميت 7 سڃاتل ۽ 25 کان 27 اڻ سڃاتلن خلاف بغاوت جي الزام ھيٺ ايف آءِ آر داخل، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو طرفان مذمت، افغانين جي نيڪالي ۽ ڌرتي ڌڻين جي خوشحالي تائين جدوجھد جاري رکڻ جو اعلان، ان ڏس ۾ رھبر ڪاميٽي طرفان پريس ڪلب روڊ تي ڌارين جي نيڪالي، بدامني، ڌاڙيل راڄ، ڊجيٽل آدمشماري خلاف ڌرڻو ھنيو ويو ھو، سي سيڪشن ٿاڻي تي سرڪار پاران ايس ايچ او سھيل عباس ڦلپوٽو جي فرياد تي رياض چانڊيو، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، اسلم خيرپور، آصف راھوجو، پنھل ساريو، غلام نبي گھانگھرو، ماجد ڏنور ۽ 30 کان 35 ڄڻن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آھي. ٻئي طرف جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو آھي ته سنڌ رھبر ڪاميٽي غير ملڪي افغاني ملڪ کان ٻاھر ڪڍڻ جو چيو ھو، ڇو جو ھاڻي مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان آھي ھي مھاجرين ناھن، انھن کي پنھنجي ملڪ موڪليو، اسان پر امن احتجاج ڪريون ته اسان مٿان ايف آءِ آرز داخل ڪيون پيون وڃن، سنڌ واسين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ غير قانوني آدمشماري ٿي آھي، هن چيو ته حڪمرانن کي ٻڌائڻ چاھيون ٿا ته سنڌ جي ماڻھن جي وجود جي تحفظ، شاندار ترقي، بقا ۽ سلامتي لاءِ پر امن احتجاجي جدوجھد جاري رکنداسين.