سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ ڊرون ڪيرائڻ واري اطلاع تي سکر بئراج وٽ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي، پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري مقرر ڪرڻ سان گڏ ايمبولينس توڙي فائر برگيڊ گاڏيون پڻ بيهاريون ويون آهن، جڏهن ته ڊرون واري اطلاع تي سکر شهر ۾ خوف پئدا ٿي ويو، ايس ايس پي سکر جو چوڻ هو ته هي متحد ٿيڻ جو وقت آهي، غلط افواهون ڦهلائي خوف پيدا نه ڪيو وڃي، ڊرون جو اطلاع مليو پر تصديق ناهي ٿي.