سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ پريا ڪماري رھائي ڪاميٽي 47 هين ڏينهن به معصوم نياڻي پريا ڪماري، اسلام الدين سومرو، علي اصغر مڱريو سميت ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ سکر پريس ڪلب ٻاهران احتجاج جاري رکيو، مظاهرين سان سول سوسائٽي جي صدرالدين ابڙو، شاھزيب سومرو ۽ ٻين يڪجهتي جو اظهار ڪندي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي، پوليس خلاف نعريبازي ڪندڙ مخدوم بلاول، ڊاڪٽر نذير کوکر، پريل سومرو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ مزدوري ڪندڙ غريب پورھيتن جي ٻچن کي اغوا ڪيو وڃي ٿو، سياسي ڀوتار، سردار، مير، پير ۽ ٻين امير طبقن  سان لاڳاپيل چونڊن نمائنده  غريب پورھيتن جي اغوا ڪيل ٻچڙن جي بازيابي لاءِ ڪو به قدم نه ٿا کڻڻ، گڏوگڏ پوليس اغوا ڪارن خلاف اثرائتي ڪارروائي نه ٿي ڪري، جنهن جي نتيجي ۾ غريب ماڻهو اولاد کي ڀنگ ڀري بازياب ڪرائين ٿا، سنڌ پوليس اغوا ڪيل پريا ڪماري، علي اصغر مگريو، اسلام الدين سومرو، علي حسن ميمڻ ۽ ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ سنجيده قدم کڻي ته جيئن انهن جي بازيابي ممڪن بڻجي، هنن چيف جسٽس آف پاڪستان، چيف جسٽس آف سنڌ ۽ ٻين کي اپيل ڪئي آهي ته مغوين جي بازيابي لاءِ لڳايل احتجاجي ڪئمپ جو نوٽيس وٺي اغوا ڪيلن کي بازياب ڪرائي سندن والدين ۾ ڦهليل بيچيني ختم  ڪئي وڃي.