سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، خيرپور واسي پيرسن قتل، اِن ڏس ۾ ايئرپورٽ پوليس موجب نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري خدابخش رند کي زخمي ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا، مقامي ماڻهن جي اطلاع تي پوليس پهچي زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو، جتي زخمي پيرسن خدابخش رند علاج دوران زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، پوليس موجب ابتدائي طور تي واقعو پراڻي دشمني سبب پيش اچڻ متعلق ڄاڻ ملي آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، مقتول پيرسن جو لاش قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول جو تعلق خيرپور سان ٻڌايو پيو وڃي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.