سکر(بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي سکر پاران سنڌوءَ جي موجن سان وهڻ توڙي ملڪ ۾ پاڻيءَ کوٽ، خشڪ سالي جي خاتمي لاءِ ”نماز استسقا“ پڙهي وئي. جنهن ۾ترجمان سنڌ حڪومت ميئر سکر ميونسپل ڪارپوريشن بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ ۽ وڏي انگ ۾ پ پ جي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. ڳڙهي خدا بخش ورسيءَ ۾ شرڪت ڪرڻ کان اڳ نماز استسقا پڙهڻ بعد سنڌوءَ جي موجن سان وهڻ توڙي ملڪ، خاص ڪري پوري سنڌ مان خشڪ سالي، پاڻيءَ جي شديد کوٽ ختم ٿيڻ ۽ برساتن پوڻ لاءِ خصوصي دعا گهرائي وئي.