سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) پاڪستان لٽريچر فيسٽول سکر آءِ بي اي ۾ شروع ٿي ويو، سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر فيسٽول جو افتتاح ڪيو، ملڪ جون ناليوواريون علم، ادب، آرٽ، تحقيق، تعليم سان تعلق رکندڙ شخصيتون شريڪ، ٻن ڏينهن تائين جاري رهندڙ پاڪستان ليٽريچر فيسٽول ۾ پهرين ڏينهن مختلف موضوعن تي سيشن منقعد ٿيا، ان ڏس ۾   نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر آءِ بي اي ورسٽي سکر ۾ پاڪستان لٽريچر فيسٽيول جو افتتاح ڪيو. ساڻس گڏ صوبائي وزير محمد عمر سومرو، آرٽس ڪائونسل پاڪستان ڪراچي جو صدر محمد احمد شاهه، آءِ بي اي سکر ورسٽيءَ جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر آصف شيخ موجود هئا. سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر  تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان لٽريچر فيسٽيول سکر اسان جي قوم جي پائيدار جذبي جو ثبوت آھي، فن، ثقافت ۽ ادب قومي سڃاڻپ کي دنيا آڏو پيش ڪندا آهن، آرٽس ڪائونسل جھڙيون تنظيمون ڪيترن ئي ثقافتن کي ملائڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿيون، ھن چيو ته آرٽس ڪائونسل ڪراچي ثقافت لاءِ ھڪ مينار طور تي بيٺل آھي، ھن وڌيڪ چيو ته  هن وقت قوم اندروني ۽ بيروني چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي. تفريحي سرگرمين جو انعقاد بهتر سماج جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.  هن وڌيڪ چيو ته اڄ اسان کي گڏيل ثقافتي سرگرمين ذريعي اتحاد کي ھٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي جي صدر محمد احمد شاهه چيو ته سکر وارو فيسٽيول هتي جي عوام لاءِ هڪ تازي هوا جو جهونڪو ثابت ٿيندو. هن چيو ته اسين 76 سالن کا ڪم ڪري رهيا آهيون، اسان کي ٻاهران ڪو نقصان نه آهي دشمن اسان جي اندر ويٺل آهي. هن چيو ته اسان جو تعلق هن خطي جي ڪهڙي به زبان سان هجي، جڏهن گڏجون ته سڀني مسئلن جو حل پيدا ٿي سگهي ٿو.  هن چيو ته منهنجي توجهه وڏڙن پاران ڏنل خوابن ڏانهن آهي، ورهاڱي کان اڳ سنڌ سڀ کان وڌيڪ سرسبز هئي. هن چيو ته ثقافتي رنگن وسيلي ماڻهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري سگهجي ٿو. ان موقعي تي  نامور اديب نصير ميمڻ چيو ته اسان کي پنهنجي معيشت ۽ نوجوانن کي اڳتي کڻي وڃڻ لاءِ رستا هموار ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته  جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته سنڌ ترقي ڪري ته اسان کي سنڌ سان گڏ جڙيو رهڻو پوندو. هاڻ به اسان جي سوسائٽي ۾ ماڻهو مذهب ۽ قوميت جي بنياد تي فساد ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، اسان کي سندن ڪوششن کي ناڪام بڻائي سنڌ کي يڪجا ڪرڻو پوندو.ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي سکر آءِ بي اي ورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر آصف احمد شيخ چيو ته 28 ۽ 29 آڪٽوبر سکر جي تاريخ ۾ هڪ يادگار ڏينهن ثابت ٿيندو.