سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ بورڊ آفيس ڀرسان موٽرسائيڪل ٺاهيندڙ پورهيتن ۽ ملڪ برداري جي ماڻهن ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ سنتوش ڪمار، دليپ ڪمار، ڀون ڪمار، عامر مهر، عرفان ميراڻي ۽ عارف قريشي، سليم ملڪ، وسيم ملڪ، فهيم ملڪ، فرحان ملڪ ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا. زخمين کي علاج لاءِ سول اسپتال سکر پهچايو ويو. ڪپيل ڪمار، اشوڪ ڪمار ۽ ٻين ٻڌايو ته ملڪ برادري جي ماڻھن بنا سبب دڪان تي حملو ڪري سنتوش ڪمار، دليپ ڪمار، ڀون ڪمار سميت ٻين کي رتو رت ڪري ڇڏيو. ٻي طرف وسيم ملڪ، سليم ملڪ چيو ته اسان کي بيگناهه تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي. ٻنهي ڌرين ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي سکر کان انصاف جي اپيل ڪئي آهي.