سکر/سنگرار (نمائندن وٽان) سکر ضلعي جي بلدياتي ٻن سيٽن تي اليڪشن اڄ ٿيندي، ميونسپل ڪارپوريشن جي ٽائون ڪاميٽي مڪي شاهه جي يونين ڪاميٽي بئراج روڊ جي وائيس چيئرمين ۽ يونين ڪائونسل سنگرار جي چيئرمين جي سيٽ لاءِ اڄ ٿيندڙ اليڪشن لاءِ پولنگ جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، بئراج روڊ جي وائيس چيئرمين ۽ سنگرار يونين ڪائونسل جي چيئرمين سرڪاري نوڪري ملڻ سبب عهدن تان استعيفيٰ ڏني هئي، جنهن ڪري ٻئي سيٽون خالي ٿيون هيون، پولنگ اسٽيشنز مان 15 پولنگن کي انتهائي حساس ۽ پنج پولنگ اسٽيشن کي حساس قرار ڏنو ويو آهي، خالي ٿيل سيٽن تي مجموعي طور تي 21 هزار 775 ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا، جن مان مرد ووٽ 11 هزار 568 ۽ عورت ووٽرز 10 هزار 189 آهن، جن لاءِ 19 پولنگ اسٽيشن قائم ڪيون ويون آهن، سنگرار ۾ ضمني چونڊ ۾ ٻن اميدواران پ پ جي سيد مريد عباس شاهه رضوي ۽ جي يو آءِ جي عبدالغفار ابڙو وچ ۾ مقابلو ٿيندو.