سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ نِم جي چاڙهي واري علائقي ۾ هوٽل تي جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران هوائي فائرنگ ڪئي وئي، بي سيڪشن ٿاڻي تي وڪيل مونس ابراهيم جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته هو هوٽل تي ويٺل هئاسين ته اوچتو موٽر سائيڪل سوار 3 جوابدار ماجد دايو ۽ ٻه نامعلوم پهتا، جن منهنجي دوست وقارڪلهوڙو کي تشدد جو نشانو بڻايو، روڪڻ تي هن ور مان پسٽل ڪڍي قتل ڪرڻ جي اراديءَ سان فائر ڪيا پر اسان معجزاڻي طور بچي وياسين، تشدد جو نشانو بڻيل دوست کي علاج لاءِ پوليس کان ليٽر وٺي اسپتال پهچايو، فريادي مطابق پوليس جوابدار واجد دايو کي گرفتار ڪري ورتو آهي.