سکر (بيورو رپورٽ) سکر  ۾ بئراج ڪالوني جي هفتي کان بجلي ۽ پاڻي بند هجڻ خلاف سوين رهواسين روڊن تي نڪري ملٽري روڊ ۽ بندر روڊ بند ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي زاهد شاھ، خادم کوسو، ياور ڊومڪي، اسفند لاشاري ۽ ٻين چيو ته سيپڪو ۽ توانائي کاتي سنڌ ۾ اوور بلنگ جي معاملي تي اختلاف آهن، جنهن جي سزا بئراج ڪالوني واسين کي ڏني پئي وڃي، ٻن کاتن جي جهيڙي ۾  بئراج ڪالوني ۾ عام ملازمن جي بجلي بند ڪئي وئي آهي، جڏهن ته بااثرن جي بنگلن جي بجلي هلي رهي آهي، اهو اسان سان سراسر ظلم آهي، هنن چيو ته بجلي بند هجڻ ڪري روزيدارن کي تڪليف آهي، نماز وقت وضو لاءِ پاڻي ناهي، تراويح، سحري ۽ افطار ۾ ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ڏهاڪي وارن کي الڳ پريشاني آهي، گرمي ۾ رهڻ ڏکيو بڻجي ويو آهي، مظاهرين چيو ته سڄي بئراج ڪالوني جا ٽرانسفارمر لاٿا ويا ويا، هڪ شهري چندر ٻڌايو ته بئراج ڪالوني ۾ اسان جي پاڙي ۾ فوتگي ٿي وئي آهي، ايترو پاڻي ڪونهي جو ميت کي وهنجاري سگهون، مظاهرين مطالبو ڪيو ته بئراج ڪالوني جي بجلي ۽ پاڻي فوري طور بحال ڪري علائقي واسين کي عذاب مان ڪڍيو وڃي.