سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ نوجوان ناري ڪلثوم معصوم ٻارن سان گڏ غلط علاج ڪندڙ ڊاڪٽر خلاف احتجاج ڪيو، ناري الزام مڙهيو ته جيڪب آباد جي ڊاڪٽر شفيق حيدر بروهي جي غفلت ۽ غلط علاج سبب سندس حمل ضايع ٿي ويو ۽ ڦڦڙ پڻ متاثر ٿيا آهن، جنهن ڪري سندس زندگي خطري ۾ آهي، ناري مطالبو ڪيو ته فوري نوٽيس وٺي ذميوار ڊاڪٽر خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.