سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ مبينا تشدد جو شڪار پيرسن استاد فوت ٿي ويو، جنهن جي وارثن پاران لب مهراڻ ويجهو ڦوهارا چوڪ تي لاش رکي احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف زوردار نعريبازي ڪئي. اِن موقعي تي پيرسن استاد جي پٽن محمد خان گڏاڻي، ثاقب ۽ الزام مڙهيندي چيو ته اسانجي پيءُ استاد علي محمد جا قاتل اسانجو چاچو ۽ سئوٽ آهن، 4 مهينا اڳ محمد علي گڏاڻي اسانجي ڀيڻ شهزادي کي طلاق ڏيڻ بعد تشدد ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو، ان کانپوءِ محمد علي، سندس پيءُ غلام محمد ۽ ڀاءُ فراز، سئوٽ سلمان، شڪيل ۽ اسامه انصاري لاڳيتو اسانجي گھر تي حملا ڪندا رهيا، حد جي اي سيڪشن پوليس جوابدارن خلاف اسان جي درخواست وٺڻ بدران ڳري رشوت وٺي اسان جي ئي خلاف هڪٻئي پٺيان ڪوڙا ڪيس داخل ڪندي رهي. 4 ڏينهن اڳ ڇنڇر ڏهاڙي چوري جي ڪوڙي ڪيس ۾ عدالت مان ضمانت ڪرائي جيئن واپس گهر پهتاسين ته گهر ٻاهران غلام محمد، محمد علي، سلمان، فراز، شڪيل ۽ ٻين ڏنڊن سان حملو ڪري اسانجي ڀيڻ شهزادي کي وارن مان پڪڙي گهلي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب اسان 2 ڀائر ثاقب ۽ ثابت ۽ پيرسن پيءُ محمد علي زخمي ٿي پيا، پوليس انصاف بدران ڀاءُ ثاقب عرف عرفان کي گرفتار ڪيو. زخمي پيءُ جو بروقت علاج ڪرائي نه سگهياسين، جنهن سبب اڱاري ڏهاڙي بابا جي طبيعت خراب ٿيڻ ڪري کيس اسپتال کڻائي وياسين جتي هن اربع ڏهاڙي دم ڌڻي ڇڏيو آهي.