سکر: بلدياتي اليڪشن ۾ سکر اندر دلچسپ صورتحال نظر آئي، ابتدائي نتيجن ۾ 2 آزاد ۽ ھڪ تحريڪ انصاف جو اميدوار ڪامياب قرار ڏنو ويو، ٻيھر ڳڻپ ۾ تحريڪ انصاف ۽ ھڪ آزاد اميدوار کي شڪست ملي ۽ پ پ اميدوار کي ڪامياب قرار ڏنو ويو. جڏھن ته ٻيو آزاد اميدوار پ پ ۾ شامل ٿي ويو. انھن ڏھاڙن ۾ سوشل ميڊيا تي دلچسپ تبصرا به ڏسڻ لاءِ مليا. بلدياتي اليڪشن ۾ تحريڪ انصاف جو اميدوار ياسين مھر ۽ دعويٰ خان ابتدائي نتيجن ۾ ڪامياب ٿيا، جنھن کان پوءِ پ پ شفيق پيرزادو طرفان ٻيھر ڳڻپ لاءِ آر او کي درخواست ڏني وئي ۽ ٻيھر ڳڻپ ۾ پي ٽي آءِ اميدوارن کي شڪست ۽ پ پ اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو، جنھن کي پي ٽي آءِ طرفان اليڪشن ڪميشن ۾ چئلينج ڪيو ويو، جنھن ۾ تازو ئي اليڪشن ڪميشن اسلام آباد آر او اسسٽنٽ ڪمشنر ماجد ماڪو کي طلب ڪيو ھو، جنھن جي ٻيھر ٻڌڻي 24 مئي تي اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ۾ رٿيل آھي. اليڪشن ڪميشن جيئي شاھ جي ڄاڻايل يونين ڪاميٽي تي نتيجا روڪيا ويا آھن. ٻئي طرف پراڻي سکر مان آزاد اميدوار مير مھر ابتدائي نتيجن ۾ ڪامياب قرار ڏنو ويو، جنھن کي پ پ اميدار طرفان آر او وٽ چئلينج ڪيو ويو ۽ ٻيھر ڳڻپ ۾ پ پ جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي اميدوار کي ڪامياب قرار ڏئي آزاد اميدوارن جي شڪست ڄاڻائي وئي. تحريڪ انصاف ۽ آزاد اميدوار جي ابتدائي ڪاميابي ۽ ٻيھر ڳڻپ بعد اُنھن جي ھارائجڻ واري معامري بعد سڀني جون نظرون آزاد اميدوار وزير مھر طرف کتل ھيون، خبر تڏھن پئي ته وزير مھر پ پ ۾ شامل ٿي ويو. جنھن تي سوشل ميڊيا ۾ دلچسپ تبصرا به ٿيا ته جيڪڏھن پ پ ۾ نه وڃي ھا ته کيس به ٻيھر ڳڻپ ۾ شڪست ملي ھا. اِن سميت آر اوز توڙي پ پ متعلق سوشل ميڊيا تي دلچسپ تبصرا ٿيا ھئا.