سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ مڙس پنهجي زال کي وچ روڊ تي تشدد جو نشانو بڻايو، ملٽري روڊ گلوب چوڪ ويجهو خاڪروب آصف پنهنجي زال ماڌوري کي معمولي ڳالهه تان لتن، مڪن ۽ ٺونشن جو وسڪارو لائي ڏنو، جنهن دوران عورت روڊ جي ڪناري تي ڪري پئي ۽ پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندي رهي، اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، جنهن بعد مليل ڄاڻ موجب زال مڙس ۾ مليل پگهار جي رقم جي خرچ تان جهيڙو ٿيو، جهيڙي بعد مڙس پنهجي زال کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو، ان ڏس ۾ سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجيمنٽ اٿارٽي پاران ٻنهي زال مڙس کي نوڪري تان هٽايو ويو آهي، مليل ڄاڻ موجب وڊيو وائرل ٿيڻ بعد پوليس ۽ انتظاميا جو دٻاءٌ پوڻ تي مڙس زال کان معافي گهري ۽ زال به کيس معاف ڪري ڇڏو، جنهن ڪري پنهنجي گهرواريءَ مٿان وچ روڊ تي تشدد ڪندڙ آصف خلاف ڪارروائي نه ٿي سگهي.