سکر(بيورو رپورٽ) سکر ۾ شهيد راڻي بينظير ڀٽو نيشنل مين وومين ٿرو بال چيمپيئن شپ 2025 جا مقابلا ڪرايا ويا، ٿرو بال مردن جي مقابلن ۾ خيبرپختونخواهه ۽ عورتن جي مقابلي ۾ سنڌ جي ٽيمن ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري ورتا. اِن ڏس ۾ سيڪريٽري ٿرو بال ايسوسئيشن سنڌ شاهد خان موجب شھيد راڻي بينظير ڀٽو نيشنل مين ۽ وومين ٿرو بال چيمپيئن شپ 2025 فٽسال گرائونڊ سکر ۾ کيڏيو ويو. جنهن ۾ سنڌ، بلوچستان، پنجاب، ڪي پي ڪي، اسلام آباد، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان، ايڇ اي سي، پاڪ ريلوي ۽ سنڌ وائٽ جون ٽيمون حصو ورتو. پهريون سيمي فائنل سنڌ ۽ بلوچستان جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويو. جنهن ۾ سنڌ جي ٽيم زيرو جي مقابلي ۾ ٻه پوائنٽ ڪري بلوچستان کي شڪست ڏئي ڪامياب ماڻي. ٻيو سيمي فائنل جو مقابلو خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جي ٽيمن وچ ۾ کيڏو ويو، جنهن ۾ ڪي پي ڪي جي ٽيم زيرو جي مقابلي ۾ ٻه پوائنٽ ڪري پنجاب کي شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي. فائينل ميچ خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ جي ٽيمن ۾ کيڏيو ويو. جنهن ۾ ڪي پي ڪي جي ٽيم زيرو جي مقابلي ۾ ٻه پوائنٽ ڪري ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو. اهڙي عورتن جي سيمي فائنل مقابلي ۾ سنڌ جي ٽيم بلوچستان کي هڪ جي مقابلي ۾ ٻه پوائنٽ ڪري شڪست ڏني. ٻئي عورتن جي ٿرو بال سيمي فائنل ميچ ۾ پنجاب جي ٽيم اسلام آباد کان زيرو جي مقابلي ۾ ٻه پوائنٽ ڪري ڪامياب ماڻي. وومين ٿرو بال جي فائنل ۾ سنڌ جي ٽيم زيرو جي مقابلي ۾ ٻه پوائنٽ ڪري اسلام آباد کي شڪست ڏئي ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو. ڪامياب ٽيمن کي اڄ 18 فيبروريءَ تي وَر ٽرافيون، شيلڊس توڙي ميڊلز ڏنا ويندا. تقريب جو مهمان خاص ڪمشنر سکر ڊويزن فياض حسين عباسي، پاڪستان ٿرو بال فيڊريشن جو جنرل سيڪريٽري مقبول آرائين، سنڌ ٿرو بال جو سيڪريٽري شاهد خان، پنجاب جو سيڪريٽري رانا سجاد، ڪي پي ڪي جو سيڪريٽري ارشد حسين، پاڪستان ڪيچ بال فيڊريشن جي جنرل سيڪريٽري اُمِ ليلا ڪلثوم. سکر جو ڊي ايس ريلوي ناصر لاشاري ۽ ٻيا شرڪت ڪندا.