سکر(رپورٽ: فاروق سومرو) سکر ضلعي ۾ ھڪ ميونسپل ڪارپوريشن، ھڪ ضلعي ڪائونسل، ٻه ميونسپل ڪاميٽين ۽ ڇھن ٽائون ڪاميٽين مان اڪثر اھم عھدا موروثي سياست ڪندڙ خاندانن حوالي ٿيڻ جا امڪان، ميونسپل ڪارپوريشن جي ميئر شپ لاءِ اڳوڻو ميئر ارسلان اسلام شيخ، ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين شپ حاصل ڪرڻ لاءِ ناصر شاھ جو فرزند، اڳوڻي ايم پي اي حاجي انور خان مھر جو فرزند توڙي اڳوڻو ايم پي اي جاويد شاھ سرگرم، ٽائون ڪاميٽي نثار صديقيءَ تي خورشيد شاھ جو فرزند چيئرمين شپ جو مضبوط اميدوار رپورٽ موجب سکر ضلعي ۾ ھڪ ميونسپل ڪارپوريشن، ھڪ ضلعي ڪائونسل، ٻن ميونسپل ڪاميٽين روھڙي، پنوعاقل، ڇھن ٽائون ڪاميٽين مڪي شاھ، جيئي شاھ، نثار احمد صديقي، ڪنڌرا، صالح پٽ ۽ باگڙجي ٽائون ڪاميٽيءَ جي چونڊن ۾ ڪاميابي کان پوءِ چيئرمين، توڙي وائيس چيئرمين شپ حاصل ڪرڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ تيز ٿي وئي آھي. ورتل ڄاڻ مطابق ميونسپل ڪارپوريشن جي ميئر لاءِ اڳوڻي سينيٽر اسلام الدين شيخ جو فرزند اڳوڻو ميئر بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ، ضلعي چيئرمين لاءِ صوبائي وزير سيد ناصر شاھ جو فرزند ڪميل شاھ، اڳوڻو ايم پي اي جاويد شاھ ۽ اڳوڻي ايم پي اي حاجي انور خان مھر جو فرزند اختر خان مھر ۽ اڳوڻي ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين تقي خان ڌاريجو اميدوار طور سامھون آيا آھن. ذريعن مطابق ڄاڻايل اميدوارن طرفان ضلعي چيئرمين شپ لاءِ پارٽيءَ کي به درخواستون اماڻيون ويون آھن. سکر سٽي ۽ نيو تعلقي ۾ پھريون ڀيرو جوڙيل ٽن ٽائون ڪاميٽين مان نثار احمد صديقي ٽائون ڪاميٽيءَ تي سيد خورشيد احمد شاھ جو فرزند زيرڪ شاھ چيئرمين شپ جو مضبوط اميدوار آھي، جڏھن ته ٽائون ڪاميٽي جيئي شاھ تي عزيز الله مغل، فرحان شاھ، آغا افتخار محسن، ٽائون ڪاميٽي مڪي شاھ جي لاءِ غلام مرتضيٰ گھانگھرو، حاجي محمد الدين، چوڌري اظھر حسين سميت ٻيا پ پ جا اميدوار سرگرم آھن. اھڙي طرح ٽائون ڪاميٽي باگڙجي لاءِ رياض جوڻيجو، غلام اڪبر راميجو مضبوط اميدوار آھن. گذريل اليڪشن ۾ ٽائون ڪاميٽي باگڙجي جو چيئرمين محمد عالم راميجو، وائيس چيئرمين ربنواز ميمڻ، گذريل مڪاني چونڊن ۾ سکر ميونسپل ڪارپوريشن جو ميئر ارسلان اسلام شيخ، ڊپٽي ميئر طارق حسين چوھاڻ، ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين محمد اسلم شيخ، اِن بعد تقي خان ڌاريجو ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين چونڊيو ويو، جڏھن ته ضلعي ڪائونسل جو وائيس چيئرمين شاھزيب شاھ ٿيو.