سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ، اخبارون سپلاءِ ڪندڙ همراهه قتل، واقعي جو ڪيس داخڪل نه ٿيو، خبر موجب سکر ۾ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري ڪار سوار نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب اي سيڪشن ٿاڻي جي حد پوليس هيڊ ڪوارٽر وٽ موٽر سائيڪل سوار نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري پنوعاقل جي ڍنڍي لڳ آرڪوهر واسي 45 ورهين جي الهڏنو راڄڙ کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا، مارجي ويل همراهه سکر مان نڪرندڙ اخبارون مخلتف ضلعن ۾ سپلاءِ ڪندو هو، معمول مطابق هو آفيس وڃي رهيو هو ته رات جو دير سان تاڙ ۾ ويٺل هٿياربندن فائرنگ ڪري کيس قتل ڪيو، مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال سکر منتقل ڪيو ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.