سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ تيز رفتار مزدا جو موٽر سائيڪل لوڊر کي ٽڪر، رانديڪا وڪرو ڪري والدين سان گهر ويندڙ ٻن ورهين جي نينگري فوت، زال مڙس زخمي، اِن ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب لب مهراڻ ڀرسان تيز رفتار مزدا موٽر سائيڪل لوڊر کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻن ورهين جي معصوم ڪرن باگڙي، سندس والد ڪنور باگڙي ۽ امڙ گنگا زخمي ٿي پيا، جن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمن جا سور نه سهندي معصوم ڪرن باگڙي فوت ٿي وئي، جڏهن ته زخمي زال مڙس جي حالت به ڳڻتي جوڳي ٻڌائي  پئي وڃي، ڪنور باگڙي ٻڌايو ته پنهجي گهرواري ۽ ٻن ورهين جي نياڻي سان گڏ رانديڪا وڪرو ڪري گهر جو خرچو هلائيندو آهيان، عيد سبب سکر ۾ رش هجڻ ڪري خيرپور مان فيملي سميت موٽر سائيڪل لوڊر تي سکر اچي رانديڪا وڪرو ڪيا، گهر وڃي رهيا هئاسين ته تيز رفتار مزدا لب مهراڻ وٽ ٽڪر هنيو، جنهن ۾ منهنجي معصوم نياڻي ڪرن فوت ٿي وئي.