سکر(بيورو رپورٽ) گهريلو هنر مند ۽ پورهيو ڪندڙ عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان سکر فيملي پارڪ ۾ سماجي تنظيم پهل پاڪستان پاران ٻن ڏينهن وارو فيملي فيسٽيول منعقد ڪرايو ويو، محنت ڪش ٻهراڙي جي عورتن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ منعقد پروگرام ۾ نامور ليکڪ جامي چانڊيو، پنهل ساريو، سکر ضلعي ڪائونسل چيئرمين ڪميل حيدر شاهه، ڊپٽي ميئر سکر ڊاڪٽر ارشد سيمن سلامت، ديدار ميراڻي، عاجز ميراڻي، زاهد خاصخيلي، عزا جمال، تانيا ۽ ٻين سياسي سماجي، شهري عورتن ۽ ٻارڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، فيسٽول ۾ سکر ۽ خيرپرو صلعن سان تعلق رندڙ گهريلو هنر مند عورتن هٿ سان ٺهيل ڪپڙا، ٿانوَ ۽ ٻيو سامان وڪرو ڪرڻ جي لاءِ اسٽال پڻ لڳايا، جتان خاندانن پنهنجي ضرورت جون شيون وڏي انگ ۾ ّخريد ڪيون. پروگرام ۾ صوفي توڙي ڪلاسيڪل فنڪارن ڪلام ڳائي فن جو مظاهرو ڪيو ۽ حاضرين کان خوب داد حاصل ڪيو، ان موقعي تي سنڌي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ اجرڪ، ٽوپين، عورتن ۽ ٻارڙن جي خريداري لاءِ سنڌي ثقافتي ويس وڳن ۽ ڪپڙن جي مختلف قسمن جا اسٽال لڳايا ويا هئا، جڏھن ته هٿ جي هنر سان تيار ڪيل رليون، پنڊيون ۽ ٻين گهريلو استعمال لاءِ ڪتب ايندڙ شين جي اسٽالن تي پڻ وڏي انگ ۾ شهرين پهچي خريداري ڪئي، فيسٽول کي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سماجي تنظيم طرفان سکر ۾ فيملي فيسٽيول منعقد ڪري سٺو پيغام ڏنو آهي، ورڪرز جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان منعقد پروگرام دوران ٻهراڙي جي عورتن جي سماجي تحفظ ۽ خودمختياري جي حوالي سان سٺو ڪم ٿيو آهي.