سکر (بيورو رپورٽ) سکر پوليس مٿان سکر سول اسپتال ۾ عورت جي علاج لاءِ پئسا کڻي ايندڙ ٽن ڳوٺاڻن کي مبينا طور گرفتار ڪري  گم ڪرڻ جو الزام هنيو ويو آهي، صدمي ۾ علاج هيٺ عورت به فوت ٿي وئي. اِن ڏس ۾ شڪارپور ويجهو ڳوٺ مريد سيٺار جي رهواسين فيض محمد سيٺار، غلام حسين سيٺار ۽ دانهيندي الزام مڙهيو آهي ته ٻه ڏينهن مسمات مومل خاتون کي علاج لاءِ سول اسپتال سکر پهچايو ويو، پئسا کٽي پوڻ سبب ڳوٺ مان  پئسا کڻي ايندڙ بشير احمد، قربان علي ۽ قمر الدين سيٺار کي اسپتال ٻاهران ئي سي سيڪشن پوليس بيگناهه گرفتاري بعد گم ڪري ڇڏيو آهي. صدمي ۾ پيرسن مسمات مومل سيٺار سول اسپتال ۾ فوت ٿي وئي آهي. هنن ٻڌايو ته ايس ايس پي آفيس توڙي سي سيڪشن ٿاڻي جا چڪر ڪاٽيا آهن پر ٽنهي ڄڻن متعلق ڪجهه به نٿو ٻڌايو وڃي، اسپتال مان لاش کڻي ڳوٺ وڃون ٿا ٽنهي نوجوانن جي ڳولها ڪريون تمام گهڻا پريشان آهيون. آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر نوٽيس وٺي بيگناهه گرفتاري بعد گم ڪيل ٽنهي ڄڻن کي آزاد ڪرائي ذميوارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. ٻئي طرف سي سيڪشن پوليس رابطو ڪرڻ تي ٽنهي ڄڻن جي گرفتاريءَ توڙي اِن معاملي کان ئي لاعلميءَ جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان ميڊيا جي دوستن ذريعي اِن ڳالهه جو پتو پيو آهي.