سکر (بيورو رپورٽ) سکر آرٽس ڪائونسل جي سينگار علي سليم آڊيٽوريم ۾ سنڌ ۾ حسن عباس جي ڊائريڪشن هيٺ لکيل اسٽيج ناٽڪ جانچ پيش ڪيو ويو، اسٽيج ڊرامي ذريعي اهو ڏيکاريو ويو ته ڪيئن سچ جي رستي تي هلندڙ ماڻهو مشڪلاتن کي منهن ڏين ٿا، سچ جي ڪهڙي طرح رستا روڪ ڪئي وڃي ٿي، اسٽيج ڊرامي ذريعي شهيد سينيئر صحافي جان محمد مهر، شهيد عزيز ميمڻ ۽ شهيد نصر الله گڏاڻي کي پڻ ڪردارن وسيلي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. هن ڊرامي ۾ وفادلدار، عابدا گل، محرم شيخ، بدر شيخ پنهنجي اداڪاري وسيلي هال ۾ ويٺل ماڻهن کي داد ڏيڻ تي مجبور ڪيو. ڊرامي جي ڊائريڪٽر حسن عباس ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هي ڊرامو ثقافت کاتي سنڌ جي سهڪار سان پيش ڪيو ويو، هي ڊرامو ڏسڻ جي لاءِ سکر، روهڙي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي شاعرن، اديبن، فنڪارن، صحافين ۽ سول سوسائٽي سميت ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.